راچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ ۾پ پ جي نور احمد ڀرڳڙي چيو ته ڏکين حالتن ۾ بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. محدود وسيلن باوجود سنڌ حڪومت ڪيترائي ترقياتي ڪم مڪمل ڪيا آهن، پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جنهن جو وفاقي حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته نواب شاهه کان ايندڙ نيڪالي واري نظام کي بهتر بڻايو وڃي. هي آبپاشي جو منصوبو آهي، پر واهن تي ڪيتريون ئي پُلون ٽٽل آهن، جن سبب حادثا پيش آيا آهن. سنڌ ۾ واهن جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته وفاق طرفان سنڌ جي فنڊن ۾ ڪٽوتي افسوسناڪ آهي، جنهن سبب ترقياتي ڪم متاثر ٿيا آهن.هن چيو ته اسان تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته مسلسل حڪومت هوندي به ڪم نه ڪيا ويا، پر حقيقت اها آهي ته ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيا آهن. ميرپورخاص ۾ برساتن سبب اسڪولن ۽ اسپتالن کي نقصان پهتو، جنهن کانپوءِ تعليم واري وزير اسڪول تعمير ڪرايا ۽ وڌيڪ مرمت جو ڪم جاري آهي.پ پ جي يوسف بلوچ چيو ته هو وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا کي بجيٽ پيش ڪرڻ تي واڌايون ڏئي ٿو. خراب معاشي حالتن باوجود متوازن ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي .يوسف بلوچ چيو ته عورتن لاءِ گلابي بس سروس ۽ اسڪوٽيون ڏيڻ انقلابي قدم آهن. لياري ۾ منشيات ۽ گٽڪي جو راڄ هو، جنهن تي هاڻي 60 سيڪڙو ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته 40 سيڪڙو مسئلو اڃا باقي آهي. لياري ۾ فٽبال ميچون وڏي اسڪرين تي ڏيکاريون وڃن ٿيون، جتي نوجوان رات دير تائين لطف اندوز ٿين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته لياري بدلجي ويو آهي ۽ هاڻي اتي مڪمل امن آهي. بلاول ڀٽو زرداري لياري لاءِ 25 ارب رپين جا منصوبا ڏنا آهن، جن جا ٺيڪا جاري ٿي چڪا آهن. مليحه منظور چيو ته ايف بي آر جي پاليسين سبب صوبن جي بجيٽ متاثر ٿي آهي. سنڌ کي هن وقت 250 ارب رپين جي کوٽ آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت وفاق کي 260 ارب رپيا ڏيندي، جنهن سان مجموعي کوٽ 600 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي ويندي. وفاقي حڪومت مسلسل پيٽرول، گئس ۽ بجلي مهانگي ڪري رهي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. پاڻي زندگي آهي، سنڌ کان ان جي زندگي نه کسي وڃي. بجيٽ ٻڌڻ کان سواءِ احتجاج ڪيو ويو. هن سوال ڪيو ته ڇا گورنر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ووٽن جي قيمت لڳائي وئي؟حنا دستگير چيو ته هي بجيٽ عوام لاءِ ڏکيائين جو سبب بڻجي رهي آهي. ماڻهن کي پگهارن ۾ وڏي واڌ جي اميد هئي. آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پگهارون وڌايون هيون. هن چيو ته هن وقت قومي مالياتي ورڇ واري ايوارڊ تي بحث جاري آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت لاءِ سڀ کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن.هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير پڙهيل لکيل ۽ مالي معاملن جو ماهر آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به قومي مالياتي ورڇ واري ايوارڊ تي سوديبازي نه ڪئي آهي، سيده ماروي راشدي چيو ته بجيٽ پيش ڪرڻ وقت غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو. تقرير ٻڌڻ کان سواءِ بائيڪاٽ ڪري عوام سان زيادتي ڪئي وئي. هن چيو ته مخالف ڌر ٻڌائي ته پنهنجي حڪومتن دوران هنن ڪهڙو وڏو منصوبو ڏنو؟ ڇا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙو ڪو پروگرام شروع ڪيو؟ ڇا ٿر ڪوئلي جهڙو منصوبو ڏنو؟ ڇا ڪراچي کي ڪا وڏي شاهراهه ڏني؟ شاهراهه فيصل به ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ تعمير ٿي هئي.هن چيو ته ايمپريس مارڪيٽ جي بحالي، سنڌ پيپلز هائوسنگ اسڪيم ۽ ٻين منصوبن ذريعي عوام جي خدمت ڪئي وئي آهي. امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي وڏي ڪاميابي آهي. منشيات ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ سنڌ جي پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف احتجاج ڪيو.پير مجيب الحق چيو ته وڏو وزير ستين قومي مالياتي ورڇ واري ايوارڊ تي قائم رهيو آهي. جيڪي ڪراچي ٺاهڻ جون دعوائون ڪن ٿا، اهي پاڻ وفاقي حڪومت ۾ رهيا آهن.آغا شهباز دراني چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام دوست قدم کنيا ويا آهن. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ، شاهراهه ڀٽو، بينظير هاري ڪارڊ ۽ عورتن لاءِ گلابي اسڪوٽي جهڙا منصوبا ساراهه جوڳا آهن.ريحانه لغاري چيو ته سنڌ اسان لاءِ مقدس ڌرتي آهي. جڏهن به سنڌ تي بحران آيو، اسان جي قيادت ان مان صوبي کي ڪڍيو. هن مطالبو ڪيو ته ٺٽو ـ سجاول روڊ کي ٻٽو ڪيو وڃي، عورت استادن لاءِ ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ سجاول ۾ يونيورسٽي ڪيمپس يا قانون جو ڪاليج قائم ڪيو وڃي، ندا کهڙو چيو ته هي بجيٽ رڳو مالي دستاويز نه، پر مزاحمت جي علامت آهي. ٻوڏ ۽ مهانگائي باوجود سنڌ ۾ 900 ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. وڏين اسپتالن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، جتي لکين مريضن جو علاج ٿئي ٿو، جڏهن ته 1122 ايمرجنسي سروس بهترين نموني ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته وڌندڙ آبادي سبب هر شعبي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، تنهنڪري خانداني منصوبا بندي ضروري آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۽ وفاق ٻنهي حڪومتن ۾ رهي، ان باوجود ڪراچي لاءِ ڇا ڪيو؟ تنقيد مخالف ڌر جو حق آهي، پر متبادل نظام به پيش ڪرڻ گهرجي. اسان فلائي اوور، انڊر پاس ۽ ٻيا اهم منصوبا مڪمل ڪيا آهن. سنڌ کي آئين موجب پاڻي ۽ قومي مالياتي ورڇ ۾ پورو حصو ڏنو وڃي.هري رام ڪشوري لعل چيو ته زرعي شعبي جي حالت خراب آهي. فصل اچڻ کان اڳ ئي جنسن جا اگهه مقرر ڪيا وڃن. جمڙائو ڪينال ايسٽ جي لائيننگ ڪئي وڃي. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي جا غيرقانوني ڪنڊا لڳائي ماڻهن کان پئسا ورتا وڃن ٿا. ميرپورخاص ڊويزن ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي.سميتا افضل سيد چيو ته مخالف ڌر رڳو سرخيون ٺاهڻ لاءِ تنقيد ڪري ٿي. 2008ع کان پوءِ سنڌ حڪومت جناح اسپتال کي سنڀاليو، جتي هاڻي روبوٽڪ سرجري به ٿي رهي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي هزارين مريضن جو علاج به سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اڳ ڀتي ۽ فطري جون پرچيون اينديون هيون، جڏهن ته هاڻي اي-چالان نظام سبب ٽريفڪ حادثن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هير سوهو چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب زراعت کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. سجاول، ٺٽو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. مخالف ڌر جنهن ضلعي ۾ وڃڻ چاهي، اسان انهن کي تعمير ٿيل گهر ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت هينئر تائين 10 لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن. گلشن حديد کان ٺٽي تائين پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿيندي ته سنڌ جون عورتون به ان جي مزاحمت ڪنديون.