ڪيٽي بندر(رپورٽ: الياس سمون)سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين قبضاگير ڪالونين حوالي ڪرڻ، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، امڪاني 28هين آئيني ترميم، ڪارو ڪاري، مهانگائي، بيروزگاري ۽ منشيات جي وڌندڙ وڪري خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٻگھاڻ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، گهنور خان زئور، بلاول لاشاري، غلام علي زئور، عوامي تحريڪ تعلقي ڪيٽي بندر جي صدر اسلم سمون، علي اڪبر لاشاري، نظير شاهه، عثمان، ايوب انڙ، نظر خاصخيلي، حنيف جانيارو، مهراڻ شاهه ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ريلي ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن، هارين، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو ويو آهي، پنجاب جي حڪمران سنڌ جو پاڻي بند ڪري ملڪي علائقائي، اسلامي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تعلقي ڪيٽي بندر جي ديھ ٺاري واري جي 1458 ايڪڙ زمين سميت سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين قبضاگير ڪالونين حوالي ڪري سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ وسيلن تي مسلسل ڌاڙا هنيا پيا وڃن، تعلقي ڪيٽي بندر جي ديھ ٺاري واري جي 1458 ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد حوالي ڪرڻ مقامي آبادگارن جي حقن تي سڌو حملو آهي، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هنن چيو ته پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن سبب سنڌ جي ساحلي پٽي سالن کان پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي ۽ هزارين خاندان لڏپلاڻ تي مجبور آهن. ڊيلٽا کي گهربل پاڻي نه ملڻ سبب ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ڪراچي ضلعن جا سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، پنجاب سرڪار طرفان سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ سبب سنڌ جي ماڻهن، پکي پکڻ سميت سمورا جاندار بک اڃ وگهي مري رهيا آهن، پر ملڪ جا حڪمران نوٽيس وٺڻ لاءِ به تيار ناهن، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي پر سنڌ جو وڏو وزير پنهنجي آئيني ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ جو وزير اعلي پنجاب سرڪار خلاف آئيني فورمن تي سخت احتجاج ڪرڻ بدران وزير اعظم کي خط لکي پنهنجو ڪارنامو پيو ڄاڻائي، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڪا قدرتي آفت نه پر وفاقي حڪومت، ارسا، سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي سنڌ دشمن پاليسين جو نتيجو آهي، جن پنجاب کي سنڌ جو پاڻي ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب سرڪار پاران سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪي سنڌ جي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي تباهه ڪيو ويو آهي، سارين جو ٻيجارو سڙي سڪي ويو آهي، هاري معاشي بربادي جو شڪار آهن ۽ مهاڻن جو روزگار به متاثر ٿيو آهي. هنن چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي سميت لاڳاپيل ادارا ڪيترن ئي مهينن کان پيدا ٿيندڙ بحران کان واقف هئا، پر انهن سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، نه ئي وري انهن پنجاب جي ڌاڙيل واهن کي روڪرائڻ لاءِ ڪي احتجاج ڪيا، ڪا لک پڙهه ڪئي، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو نااهل آهي جيڪو ننڊ ستل رهيو ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪي پنهنجا ڊيم ڀريندو رهيو، پنجاب جا فلڊ ڪئنال اڃا تائين کليل آهن پر سنڌ سرڪار لفظ به ڳالهاڻ لاءِ تيار ناهي. نتيجي ۾ سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ماحول کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ارسا طرفان سنڌ جو پاڻي روڪڻ سبب ڊيلٽا جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ سامونڊي پٽي ۾ ماحولياتي خطرا وڌي ويا آهن، صدر آصف علي زرداري جنهن ڇهن ڪئنالن جي منظوري کان وٺي پاڻي جي ورڇ تائين هر معاملي ۾ سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو سو صدر ڪئنالن جي منظوري ته ڏي ٿو پر سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي ان باوجود صدر زرداري ۽ صدارتي هائوس سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فوري طور فراهم ڪيو وڃي، پاڻي روڪڻ جي ذميوار عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، متاثر هارين ۽ مهاڻن کي نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي، ساحلي پٽيءَ جي پاڻي واري بحران جو مستقل حل ڪڍيو وڃي، ديھه ٺاري واري جي 1458 ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن جي ملڪيت تسليم ڪئي وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي سميت سمورن قبضاگير منصوبن کي الاٽ ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪري زمينون سنڌ جي اصلوڪن وارثن کي ڏنيون وڃن. منشيات جي وڪري ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوام کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.