ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان 16 آگسٽ تي ٿيندو

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڊي ڪيٽ 2026 لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان 16 آگسٽ تي صبح 10 وڳي منعقد ڪيو ويندو، جڏهن ته اميدوارن جي رجسٽريشن 22 جون کان شروع ٿيندي، شيڊيول موجب آن لائن رجسٽريشن جي آخري تاريخ  8 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دير سان رجسٽريشن 13 جولاءِ تائين ڪرائي سگهبي، جنهن تي اضافي فيس لاڳو ٿيندي، پاڪستان ۾ ايم ڊي ڪيٽ رجسٽريشن فيس 9 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ليٽ رجسٽريشن فيس 13 هزار رپيا هوندي، جيڪا ناقابلِ واپسي هوندي، ايم ڊي ڪيٽ ۾ مجموعي طور 180 گهڻ چونڊ سوال شامل هوندا ۽ امتحان ۾ نيگيٽو مارڪنگ نه هوندي، بائلوجي مان 81، ڪيمسٽري مان 45 ۽ فزڪس مان 36 سوال شامل هوندا، جڏهن ته انگريزي ۽ لاجيڪل ريزننگ جا 9، 9 سوال امتحان جو حصو هوندا، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويندا. اميدوار رڳو پنهنجي صوبي يا ڊوميسائل موجب امتحاني مرڪز چونڊي سگهندا، سعودي عرب جي شهر  رياض ۾ پڻ ايم ڊي ڪيٽ 2026 لاءِ بين الاقوامي امتحاني مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ جو انعقاد پي ايم اينڊ ڊي سي جي نگراني هيٺ ڪيو ويندو.

 

You might also like