خراب شهرت رکندڙ جج منصب تي برقرار نٿو رهي سگهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته خراب شهرت رکندڙ جج عدالتي منصب تي برقرار نٿو رهي سگهي، ڇو ته جج لاءِ رڳو قانوني اهليت نه پر بي داغ ڪردار به لازمي شرط آهي، سپريم ڪورٽ پاڪستان جي سينئر جج جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ واضح ڪيو ته جج جي ساک تي سوال عدالتي نظام جي سڄي ڍانچي کي متاثر ڪري ٿو، رپورٽن موجب جسٽس شاهد وحيد جي  سربراهي ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وهاڙي محمد افضل زاهد جي برطرفي جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيل منظور ڪئي وئي، عدالت موجب جج جي ڪارڪردگي کي سندس فيصلن ذريعي پرکيو ويندو آهي پر سندس ايمانداري ۽ ساک عوامي اعتماد تي ٻڌل هوندي آهي، جيڪڏهن جج تي بي اعتمادي پيدا ٿئي ته ان جا اثر پوري عدالتي نظام تائين پهچي سگهن ٿا، فيصلي ۾ چيو ويو ته جج ۽ عام سرڪاري ملازم کي برابر نٿو سمجهي سگهجي، ڇو ته جج لاءِ ايمانداري ۽ سٺي ساک وڌيڪ اهم آهي. خراب شهرت رکندڙ جج کي منصب تي رکڻ عدلي مفادن جي خلاف آهي، عدالت وڌيڪ چيو ته بدعنواني ثابت نه ٿيڻ باوجود خراب شهرت هڪ سنجيده معاملو آهي، ۽ اهڙي جج کي رڳو رٽائر نه پر برطرف به ڪري سگهجي ٿو، فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته عدليه جو سڀ کان وڏو سرمايو عوام جو اعتماد آهي، ۽ جيڪڏهن اهو اعتماد متاثر ٿئي ته عدالتي نظام ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

 

You might also like