ڪافي وقت کان 18 هين ترميم ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جي اوٽ ۾ سنڌ کي نشانو بڻايو پيو وڃي. اهي به رپورٽون ۽ تجزيا شايع ٿيندا رهيا آهن ته سنڌ ۾ الڳ صوبن يا نون انتظامي يونٽن بابت پ پ جي اڳواڻن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ٽيون ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪا تقرير ڪئي هئي تنهن جو فڪري پسمنظر به اهو ئي هو جنهن ۾ هن چيو ته ”ننڍن صوبن کي انهن جا جائز حق نٿا ملن پر جيڪي مليا آهن سي به انهن کان کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جيڪڏهن وفاق کي معاشي مسئلا آهن ته اهڙا معاشي مسئلا صوبن سان به آهن. 18 هين ترميم باوجود صوبن کي مقرر مالي حصو نٿو ملي ۽ هاڻي ان مان به ڪجهه حصو وفاق کي ڏيڻ جو چيو پيو وڃي. آخر ڪيستائين صوبا قربانيون ڏيندا رهندا.“ ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير به چيو آهي ته اسان وفاق کي ان وقت پنهنجي مالي حصي مان ڪجهه ڏيڻ جي قابل هونداسين جڏهن صوبي کي به پورو مالي حصو ملندو.
سو مجموعي طور تي ڏسجي ته هن ملڪ اندر هر دور ۾ وفاق کي بالادست ڪيو ويو آهي ۽ وفاق جي مضبوطي کي ئي قومي مفاد تصور ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته وفاق جي مضبوطي جو تعلق صوبن جي مضبوطي سان هوندو آهي. 1940ع واري اصل قرارداد ۾ به قومي خودمختياري جو تصور ڏنو ويو هو جنهن کي ورهاڱي کان پوءِ صوبائي خودمختياري جو نالو ڏنو ويو هو پر جڏهن 18 هين ترميم ذريعي پ پ جي وفاقي حڪومت صوبن کي ڪجهه صوبائي خودمختياري ڏني ته اها اٽي ۾ لوڻ برابر خودمختياري به هضم نه پئي ٿئي ۽ هاڻي 28 هين ترميم ذريعي صوبن جا ڪجهه حق جهڙوڪ ماليات، تعليم ۽ صحت جا ڪجهه معاملا واپس وفاق جي حوالي ڪرڻ ۽ صوبن کي ٽوڙي انهن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ پنهنجي وس آهر بظاهر پ پ رنڊڪ بڻيل آهي يا پنهنجو دفاع ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ارڙهين ترميم جي خالق پ پ آهي. اها ترميم پاس ڪرائڻ ۾ پ پ اهو ئي ڪردار ادا ڪيو هو جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي 1973 جو آئين پاس ڪرائڻ ۾ ادا ڪيو هو ۽ سڀني جماعتن کي ان حوالي سان اعتماد ۾ ورتو هو.
18 هين ترميم جي دفاع ۾ بلاول ڀٽو زرداري جا مسلسل بيان ۽ تقريرون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملنديون رهيون آهن. مثال گلگت بلتستان جي چونڊ مهم ۾ بلاول چيو هو ته ڪراچي ۽ گوادر کي اسلام آباد مان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وري اهو به چيائين ته 18 هين ترميم نه هجي ها ته پنجاب ميٽرو ۽ اورنج لائين نه آڻي سگهي ها. ايئن سنڌ جي پاڻي توڙي بينظير ڀٽو انڪم پروگرام جي حوالي سان به پ پ جا اڳواڻ ڳالهائيندا رهيا آهن. پر ان ڏس ۾ سڀ کان وڏي اڳڀرائي 11 جون تي ٿي جڏهن ڪراچي ۾ پ پ سنڌ طرفان ڪراچي کي وفاق ۾ شامل ڪرڻ جي موضوع تي سيمينار ڪرايو جنهن ۾ نورالهديٰ شاهه، وسعت الله خان، مظهر عباس، فاضل جميلي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا جن خود پ پ جي حڪمرانن تي به تنقيد ڪئي ته انهن پاڻ به پنهنجين پالسين سان سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وفاق جي حوالي ڪيا آهن ۽ ايئن ڪراچي به آهستي آهستي وفاق جي حوالي ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي نورالهديٰ شاهه هڪ زبردست ڳالهه ڪئي ته پ پ جي حڪومت برابر خراب آهي پر ان کي لاهڻ يا رد ڪرڻ جو اختيار سنڌ جي عوام جو آهي. هن پ پ تي به تنقيد ڪئي ته جنهن عوام کي ڌٻڻ مان ذوالفقار علي ڀٽي ڪڍيو هو تنهن کي اوهان وري وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي سو جيڪڏهن اوهان وفاق وٽ سرخرو ٿيڻ ٿا چاهيو ته ووٽر کي وڏيرن کان آزاد ڪرايو. بهرحال سڀ ان ڳالهه تي متفق هيا ته صوبائي خودمختياري قائم رهڻ گهرجي. ان حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ نامياري شاعر فاضل جميليءَ به خوب چيو هو ته وفاق پهريون پنڊيءَ کي ته هلائي ڏيکاري پوءِ ڪراچي وٺڻ جو مطالبو ڪري. ايئن ٽيون ڏينهن وفاقي اردو يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ دانشور اصغر دشتي به اهم ڳالهه ڪئي ته وفاق کان ڪراچي جي وفاقي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي ته ڪراچي کي ڪيئن هلائيندو. ائين سنڌ جي سڀني قومپرست جماعتن جو به چوڻ رهيو آهي ته 28 هين آئيني ترميم وسيلي صوبائي خودمختياري مٿان راتاهون هڻڻ نه ڏبو. البت ڪن سياسي جماعتن جو اهو به خيال رهيو آهي ته پ پ اقتدار خاطر سنڌ جي وسيلن تي سودو ڪري سگهي ٿي تنهن ڪري ان مٿان به ڪرڙي نظر رکڻ گهرجي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا رهيا آهن ته آصف زرداري پنهنجي پٽ بلاول زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
انهيءَ سڄي سياسي منظرنامي کي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ ننڌڪڻي ناهي. سنڌي قوم سنڌ جي وارث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ بابت فيصلا سنڌي قوم کي ڪرڻ ڏنا وڃن جن ڏهه هزار ورهين کان سنڌ ۽ سنڌ جي قومي وجود جي حفاظت پئي ڪئي آهي. اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي وحدت تي سنڌي قوم هر دور ۾ هڪ رهي آهي. هاڻي به حالتن جي اها تقاضا آهي ته سنڌ توڙي صوبائي خودمختياري بابت سنڌي قوم سنڌ جي مفاد سان گڏ بيهي ۽ اها سنڌ دشمنن هٿان گمراهه نه ٿئي. سنڌي قوم کي هاڻي فيصلائتي پوزيشن ۾ اچڻو پوندو. اها فيصلائتي پوزيشن ڪيئن ماڻجي ان بابت برابر سئو نوانوي رستا ۽ تجويزون هونديون پر پنهنجو خيال به نورالهديٰ شاهه صاحبه وارو آهي ته سنڌ بابت فيصلا ڪو ٻاهريون ماڻهو يا ڪا ٻاهرين طاقت نه ڪري پر اهو اختيار سنڌ جي سنڌي قوم کي آهي. ايئن سڀني وفاقي ۽ مذهبي جماعتن کي گذارش آهي ته اهي پاڻمرادو سنڌ بابت فيصلا نه ڪن پر اهو اختيار سنڌي قوم جو سمجهڻ گهرجي ۽ انهن جي امنگن جي ترجماني ڪرڻ گهرجي يا انهن جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي