ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ منظر منهنجي ذهن تي گهرو اثر ڇڏي ويو. ڪجهه ٻار گڏ ويٺا هئا، پر سندن اکين ۾ هڪ ٻئي لاءِ نه، پر موبائيل اسڪرينن لاءِ دلچسپي هئي. نه گڏجي کلڻ، نه رانديون، نه ئي ڪا معصوم ڳالهه ٻولهه. هر ٻار پنهنجي الڳ دنيا ۾ گم هو، جيتوڻيڪ جسماني طور سڀ گڏ ويٺا هئا. هڪ استاد، ٽيچر ٽرينر ۽ سماجيات جي محقق جي حيثيت سان، گذريل ڪيترن ئي سالن کان مون ٻارن جي سکيا، روين ۽ سماجي لاڳاپن ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ويجهڙائيءَ سان ڏٺو آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته اڄ جا ٻار ڄاڻ جي کوٽ جو شڪار ناهن، پر ڌيان جي کوٽ، بي صبري ۽ مسلسل تحرڪ جي عادت سندن ذهني واڌ ويجهه لاءِ هڪ نئون چئلينج بڻجي رهي آهي.
اسان جي دور جو ٻار ڪلاڪن جا ڪلاڪ مختصر وڊيوز ڏسي سگهي ٿو، آن لائين رانديون کيڏي سگهي ٿو يا سوشل ميڊيا تي مصروف رهي سگهي ٿو، پر هڪ ڪتاب جا ڪجهه صفحا پڙهڻ، گهر جو ڪم ڌيان سان مڪمل ڪرڻ يا خاموش ويهي ڪنهن ڳالهه تي غور ڪرڻ سندس لاءِ ڏکيو بڻجي رهيو آهي.
نفسيات ۽ جديد تحقيق ۾ هن صورتحال کي "پاپ ڪارن برين (Popcorn Brain)” يعني ” مڪئيءَ جي ڦلن جھڙو دماغ” نالو ڏنو ويو آهي. هي اصطلاح مشهور محقق ڊيوڊ ليوي (David Levy) متعارف ڪرايو، جنهن مطابق جڏهن دماغ مسلسل تڪڙي رفتارواري ڄاڻ، نَوَن تحرڪن ۽ فوري تفريح جو عادي ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ان لاءِ هڪ ئي ڪم تي گهڻي دير تائين ڌيان رکڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. بلڪل اهڙي طرح جيئن باھہ تي چڙھيل ٿانوَ ۾مڪئيءَ جا داڻا هڪ ٻئي پٺيان ٽپا ڏئي ڦلن ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا.
بدلجندڙ ٻالڪپڻ
اڄوڪي ٻالڪپڻ ۽ ڪجهه ڏهاڪا اڳ جي ٻالڪپڻ ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي. اڳ ٻار شام جو گهرن کان ٻاهر راند ڪندا هئا، ڏاڏين ۽ نانين کان آکاڻيون ٻڌندا هئا، ڪتاب پڙهندا هئا يا پنهنجي تخيل جي دنيا ۾ نوان خيال پيدا ڪندا هئا. اڄ گهڻن ٻارن لاءِ وندر جو مطلب صرف اسڪرين رهجي ويو آهي. ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب شارٽس، انسٽاگرام ريلز، آن لائين رانديون ۽ مسلسل ايندڙ نوٽيفڪيشن ٻارن جي ذهنن کي اهڙي رفتار سان هلائڻ لڳا آهن، جنهن جي انساني دماغ کي اڳ ڪڏهن به عادت نه هئي.
نتيجي ۾ ڪيترائي ٻار:
- جلد بيزار ٿي وڃن ٿا؛
- هڪ ئي ڪم تي گهڻي دير ڌيان نٿا ڏئي سگهن؛
- ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي گهٽ محسوس ڪن ٿا؛
- هر وقت ڪنهن نه ڪنهن تفريح جا طلبگار رهن ٿا؛
- معمولي دير يا انتظار به برداشت نٿا ڪري سگهن؛
- ڪنھن حد تائين سماجي رابطن ۾ به پريشاني محسوس ڪن ٿا.
مسئلو صرف اسڪول تائين محدود ناهي
هڪ استاد جي حيثيت سان مون ڪلاس روم ۾ به هي تبديليون محسوس ڪيون آهن. ڪيترائي شاگرد تمام ذهين هوندي به هڪ ئي سبق تي گهڻي دير ڌيان نٿا ڏئي سگهن. ڪجهه ٻار مسلسل تحرڪ جا عادي ٿي وڃڻ سبب خاموش سکيا واري ماحول ۾ بيچيني محسوس ڪن ٿا.
ٻئي طرف والدين پڻ اڪثر شڪايت ڪن ٿا ته ٻار جلدي چڙچڙا ٿي پَوَن ٿا، ڪاوڙ ۾ اچي وڃن ٿا، کين ننڊ جا مسئلا پيش اچن ٿا يا معمولي ڳالهه تي به مايوس ٿي وڃن ٿا.
اهو سڀ ڪجهه صرف هڪ خانداني مسئلو ناهي، پر هڪ سماجي مسئلو آهي، جنهن تي سنجيدہ گفتگوءَ جي ضرورت آهي.
ته پوءِ ڇا ائين چئجي ته ٽيڪنالاجي دشمن آهي؟
هرگز نه.
ٽيڪنالاجي اسان جي دور جي هڪ اهم ضرورت آهي. تعليم، تحقيق، رابطن ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ سميت ان جا بي شمار فائدا آهن. ڪورونا وبا دوران سڄي دنيا ۾ تعليم جو سلسلو ٽيڪنالاجي جي ذريعي ئي جاري رهي سگهيو.
تنهن ڪري مسئلو ٽيڪنالاجي نه، پر ان جي غير متوازن استعمال ۾ آهي.
ٻارن کي ڊجيٽل ڄاڻ جي ضرورت آهي، پر ساڳئي وقت کين ڪتابن، فطرت، جسماني راندين، خانداني ڳالهين ۽ تخليقي سرگرمين جي به ضرورت آهي.
بوريت به ضروري آهي
شايد اسان جديد دور ۾ ٻارن کان سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءِ کسي ورتي آهي، اها "بوريت” آهي.
اسان هر خالي لمحي کي اسڪرين سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، جڏهن ته نفسياتي تحقيق ٻڌائي ٿي ته بوريت جا لمحا ئي تخيل، تخليق ۽ نئين سوچ جي جنم جو سبب بڻجن ٿا.
ٻار جڏهن ڪجهه وقت لاءِ بور ٿين ٿا، تڏهن هو پنهنجو ذهن استعمال ڪن ٿا، نيون رانديون ايجاد ڪن ٿا، ڪهاڻيون ٺاهين ٿا يا پنهنجي تخيل جي دنيا ۾ سفر ڪن ٿا.
شايد هر وقت ٻارن کي مصروف رکڻ کان وڌيڪ ضروري اهو آهي ته کين سوچڻ لاءِ ڪجهه خالي لمحن جو تحفو ڏجي.
والدين ۽ استادن جي گڏيل ذميواري
اسان ٻارن کي مڪمل طور تي اسڪرين کان پري نٿا رکي سگهون، ۽ نه ئي اها حقيقت پسندانه ڳالهه آهي. پر اسان ڪجهه سادا قدم کڻي سگهون ٿا:
- گهر ۾ اسڪرين ٽائيم لاءِ مناسب حدون مقرر ڪيون وڃن؛
- ٻارن سان گڏ ويهي ڪتاب پڙهڻ جي روايت کي هٿي ڏجي؛
- گڏجي کاڌو کائڻ دوران موبائيل فونن کان پاسو ڪيو وڃي؛
- ٻارن کي ٻاهرين راندين ۽ جسماني سرگرمين ڏانهن راغب ڪيو وڃي؛
- والدين پاڻ به متوازن ڊجيٽل رويو اختيار ڪن، ڇاڪاڻ ته ٻار نصيحت کان وڌيڪ مثالن مان سکندا آهن؛
- ٻارن سان روزانو ڪجهه وقت صرف ڳالهائڻ ۽ سندن ڳالهين کي ٻڌڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.
هڪ سماجي ۽ تحقيقي سوال
سماجيات جي هڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر ۽ نوجوانن سان لاڳاپيل مسئلن تي ڪم ڪندڙ محقق جي حيثيت سان منهنجو خيال آهي ته ايندڙ نسل جي ذهني، سماجي ۽ جذباتي ڀلائي بابت وڌيڪ سنجيدہ قومي بحث جي ضرورت آهي. انھيءَ سان گڏوگڏ اسان کي پاڻ کان هڪ اهم سوال پڇڻ گهرجي ته:
ڇا مسئلو صرف اهو آهي ته ٻار گهڻو وقت اسڪرينن تي گذارين ٿا، يا مسئلو اهو به آهي ته اسان کين اسڪرين کان ٻاهر زندگي سان محبت ڪرڻ جا سبب نٿا ڏيون؟
جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار صرف ذهين نه، پر صبر وارا، تخليقي، همدرد ۽ ذهني طور مضبوط انسان بڻجن، ته پوءِ اسان کي کين صرف ڊجيٽل دنيا نه، پر حقيقي زندگيءَ جي خوبصورتي سان به ڳنڍڻو پوندو.ڇو ته آخرڪار، ٻار اسان جي لفظن کان وڌيڪ، اسان جي روين ۽ اسان جي چونڊيل زندگيءَ مان سکندا آهن.