سماج جي ھڪ خاموش پر خطرناڪ بيماري

زيد پيرزادو

ڪنھن جو حق مارڻ يا کائي وڃڻ جا ڪيترائي طريقا ھوندا آھن جن ۾ ڪرپشن، سفارش ۽ فيورٽ ازم شامل آھن پر هڪ اهڙو طريقو به آهي جيڪو ايترو نمايان ناھي، پر ان جا اثر گهرا ۽ خطرناڪ هوندا آهن ۽ اھو آھي انسيڪيورٽي، يعني  عدم تحفظ جو احساس. انسيڪيورٽي حق مارڻ جو سوفٽ پر عام انداز آھي، جيڪو نرم، خاموش ۽ لڪل رويو آھي پر سماج جي ترقيءَ جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي ٿو ڇا ڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ فقط ڪرپشن ۽ سفارش ئي وڏيون بيماريون ناهن، پر انسيڪيورٽي به هڪ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو ميرٽ، قابليت ۽ ٽيلينٽ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو.

ڪيترائي ماڻھو آھن جيڪي جڏھن قابل، باصلاحيت، ذھين، محنتي ۽ ھوشيار ماڻھن کي ڏسندا آھن ته ھڪ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن. انھن اندر احساسِ ڪمتري ۽ عدم تحفظ ايترو گهرو هوندو آهي جو هو باصلاحيت ۽ قابل ماڻهن کي پنهنجي لاءِ وڏو خطرو سمجهڻ لڳندا آهن. انھن کي لڳندو آھي ته جيڪڏھن ھن ماڻھو کي موقعو ملي ويو ته اھو گھڻو اڳتي نڪري ويندو. شهرت، عزت، دولت ۽ اعليٰ عهدو حاصل ڪري وٺندو ۽ اسان پوئتي رهجي وينداسين. اھڙي سوچ تحت پوءِ اھڙي قسم جا ماڻھو قابل ماڻھوءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ھر ممڪن ڪوششون ڪرڻ لڳندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن محفل، تنظيم يا اداري ۾ سندس نالو ورتو به ويندو ته ان خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ لڳندا ته اھو ٺيڪ ماڻھو ناھي، ان کي  ڪجهه ناھي ايندو، يا اھو اسان لاءِ مسئلو پيدا ڪري سگھي ٿو. اھڙن ماڻھن کي محسوس ٿيندو آھي ته قابل ماڻھو اڳتي آيو ته پوءِ اسان کي ته ڪير پڇندو به نه ۽ اسان جو سڀ  ڪجهه ھليو ويندو. نتيجي ۾ هو قابليت جي حوصلا افزائي ڪرڻ بدران ان جي مخالفت ڪرڻ لڳندا آهن.

ھي مسئلو ڪنھن ھڪ خاندان، شھر يا اداري تائين به محدود ناھي پر شايد ئي ڪو شعبو اھڙو ھجي جيڪو ان کان بچيل ھجي. سرڪاري توڙي نجي ادارا، تعليمي ادارا، يونيورسٽيون، عدالتون، ادبي تنظيمون، اخبارون  ھر ھنڌ ان جو اثر نظر اچي ٿو، تنھنڪري اھو سماج جي ترقي لاءِ وڏو مسئلو آھي. اصول پسند ۽ ايماندار ماڻھوءَ کي مٿي اچڻ کان ان لاءِ به روڪيو ويندو آھي ڇاڪاڻ ته ھن جي اچڻ سان بي ايمانين وارو سڄو ڪم رلي ويندو. اھڙن ماڻھن جا سڄا کانچا ختم ٿي ويندا. ٻين کي وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻو پوندو. سندن نا اھليون، سستيون ۽ ڪمزوريون ظاھر ٿي پونديون. تنھنڪري ايماندار ماڻھوءَ کي ھلڻ ئي ناھي ڏيڻو. شايد اھو ئي سبب آھي ته اسان وٽ خراب ۽ مفاد پرست ماڻھن ۾ اڪثر گھڻي ٻڌي نظر ايندي آھي ۽ ايماندار يا شريف ماڻھو وري ھڪٻئي سان ئي ويٺا وڙھندا آھن. انھن ۾ اختلاف گھڻا ۽ ٻڌي گھٽ ھوندي آھي جڏھن ته سماج جي بھتري لاءِ سٺن ماڻھن جي ٻڌي بيحد ضروري ھجي ٿي.

حقيقت ۾ ھجڻ ايئن گھرجي ته جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ هوشيار يا قابل ملي، ته ان سان گڏجي ڪم ڪريو، ان مان گھڻي کان گھڻو سکڻ جي ڪوشش ڪريو. ان کي خطرو نه پر موقعو سمجھو. ان سان مقابلو نه ڪريو، مقابلو ڪمزور ڪري ٿو، جڏهن ته سهڪار ۽ گڏيل ڪم طاقت ۽ ترقيءَ جا نوان در کولين ٿا. گڏجي ڪم ڪرڻ سان اوھان جي شخصيت مضبوط بڻجندي. دنيا تمام گھڻي وسيع آھي. ڪنھن سان ساڙ ڪرڻ يا کيس اڳتي وڌڻ کان روڪڻ انتھائي ننڍي سوچ جي نشاني آھي. اصل ۾ اوھان ڪنھن به ماڻھوءَ جو رستو روڪي ئي نه ٿا سگھو. کڻي ڪيڏي به ڪوشش ڪريو، جنھن ۾ ٽيلنٽ ھوندو اھو ڪٿان نه ڪٿان رستو ڪڍي اڳتي نڪري ئي ويندو. انڪري بھتر پاليسي اھا آھي ته قابل ماڻھن کي پوئتي ڌڪڻ بدران تن سان گڏجي ڪم ڪجي جيئن انھن منجھان  ڪجهه سکي سگھجي. مقابلو ٻين سان نه پر پنھنجي پاڻ سان ڪبو آھي ته ڇا ڪالهه جي مقابلي ۾ مان اڄ وڌيڪ بھتر آھيان؟

ڪيترائي ماڻهو ٻين جي مدد ان ڪري ناهن ڪندا جو کين ڊپ هوندو آهي ته متان هن کي ترقي ملي وڃي يا هو ڪنهن بهتر پوزيشن تي پهچي وڃي. اها سوچ اصل ۾ انسيڪيورٽي جو ئي اظهار آهي. اڳتي وڌڻ جا ٻه طريقا ٿيندا آھن. ھڪ اھو ته پاڻ تي ڪم ڪجي، پاڻ کي بھتر بڻائجي، پاڻ ۾ نيون تبديليون ۽ صلاحيتون پيدا ڪجن، ڪتاب پڙھجن، پنھنجي علم ۽ سوچ تي ڪم ڪجي. ٻيو طريقو اھو ھوندو آھي ته ٻئي ماڻھوءَ کي گھٽ ثابت ڪجي. افسوس جو ڪيترائي ماڻھو ٻيو طريقو اختيار ڪندا آھن. پاڻ تي محنت ڪرڻ بدران ٻين کي گھٽ ثابت ڪرڻ تي پنھنجي توانائي خرچ ڪندا آھن. اھو عمل نه فقط پاڻ لاءِ پر سڄي سماج لاءِ برو ثابت ٿيندو آھي. ايئن ھڪ بيمار ماڻھو سڄي سماج کي بيمار ڪري ٿو ڇڏي.

حسد ۽ رشڪ جي فرق کي سمجهڻ به ضروري آهي. حسد اهو آهي ته اوهان چاهيو ته ٻئي وٽ موجود نعمت يا ڪاميابي ختم ٿي وڃي، جڏهن ته رشڪ اهو آهي ته اوهان به اهڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکو. حسد انسان ۽ سماج ٻنهي کي نقصان پهچائيندو آهي، جڏهن ته رشڪ ترقيءَ جو محرڪ بڻجي سگهي ٿو. حقيقت ۾ انسيڪيورٽي پنھنجي گھٽ علمي، محدود صلاحيت ۽ ڪمزور ڪردار جو اعتراف آھي. اھا اھڙي احساس ڪمتري آھي جيڪا خود اعتماديءَ جي کوٽ پيدا ڪري عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪري ٿي. اھڙن ماڻھن جو سڄو دارومدار پوءِ خوشامند، چاپلوسي، چمچا گيري تي ھوندو آھي. ٻئي پاسي جيڪي باصلاحيت ماڻھو ھوندا آھن انھن کي خوشامد جي ضرورت ئي محسوس ناھي ٿيندي، ڇو ته کين پنھنجي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد ھوندو آھي ۽ يقين ھوندو آھي ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن انھن جي قابليت جو اعتراف ڪيو ويندو ۽ پاڻ ئي کين موقعا ملي ويندا.

انسيڪيورٽي جون ڪجهه نشانيون هي ھونديون آهن مثال طور قابل ماڻهن جي مخالفت ڪرڻ، سندن تعريف برداشت نه ڪرڻ، انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ، مسلسل پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ، هر تنقيد کي ذاتي حملو سمجهڻ، پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهڻ وغيره. انسيڪيورٽي جو علاج اھا سمجهھ  آھي ته ڪنھن جو کٽڻ اوھان جو ھارائڻ ناھي ھوندو. ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيڻ سکجي. پنھنجين صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۽ تراشڻ جي ڪوششون ڪرڻ. شڪر گذاري جي سوچ پيدا ڪرڻ. خود اعتمادي ۽ پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ ڇڏي ڏيڻ آهي. جنھن ماڻھو کي پنھنجي اھميت جي خبر ھوندي آھي، اهو ٻين جي قابليت کان خوف گھٽ کائيندو آهي.

باوقار، وڏيءَ دل ۽ ظرف وارا انسان هميشه اهو اعتراف ڪندا آهن ته انھن ڪنهن مان ڇا سکيو آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته ٻئي جو حق مڃڻ سان انسان ننڍو نه، پر وڌيڪ وڏو ٿيندو آهي. وڏا ماڻھو اھي ناھن جيڪي ٻين کي پوئتي ڌڪيندا آھن پر اھي آھن جيڪي ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيندا آھن. ھڪٻئي جا پير ڪڍڻ بدران جيڪڏھن ھڪٻئي جا پير بڻجي پئون ته ٻئي کي به ڪِرڻ کان بچائي وٺبو ۽ پاڻ به مضبوطي سان بيھي سگھبو. اچو ته پنھنجي سماج ۾ ميرٽ، انصاف ۽ قابليت جي ڪلچر کي ھٿي ڏيون ڇو ته ميرٽ جي ڪلچر کانسواءِ ڪنھن به اداري، سماج يا ملڪ جي ترقي ممڪن ئي ناھي.

 

You might also like