اسان جي اجتماعي دانش کي آخر ڪهڙو گرهڻ لڳي ويو آهي جو اڄ اهو سوال به ڪرڻو پوي ٿو ته اهم ڇا آهي؟ عمل يا ڏيکاءُ؟ اصل جوهر يا محض جلوو؟ سچ يا منافقت؟ هاڻي وفاقي بجيٽ 2026ع تي ٿوري نظر وجهون، جيڪا پيپلز پارٽي جي رضامندي کان سواءِ منظور ٿي ئي نٿي سگهي، ڀلي پيپلز پارٽي ان جو سڄو بار مسلم ليگ (ن) جي ڪلهن تي وجهڻ ۽ پاڻ کي ان جي مخالف ۽ بي وس ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ناٽڪ رچائي. هيءَ سياسي ملي ڀڳت جو ئي نتيجو آهي. حقيقتون ڏسو:
پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ: 7 سيڪڙو
مهانگائي جي سرڪاري شرح: 11.7 سيڪڙو (جڏهن ته حقيقي مهانگائي ان کان به وڌيڪ آهي)حقيقي آمدنيءَ ۾ واڌ بدران گهٽتائي: گهٽ ۾ گهٽ 4.7 سيڪڙو ڇا اهڙي بجيٽ کي عوام دوست بجيٽ سڏي سگهجي ٿو؟ هي ته رڳو هڪ مثال آهي. توهان پاڻ ٻڌايو، سڄي بجيٽ ۾ ڪو هڪ اهڙو قدم کنيو ويو آهي جنهن سان سنڌ يا مجموعي طور ملڪ جي عوام کي ڪو حقيقي فائدو پهچڻ جو امڪان هجي؟ ڪو هڪ نڪتو؟
هاڻي اچون ٿا پيپلز پارٽي جي ان ”وفاق مخالف، سنڌ دوست سيمينار“ ڏانهن، جيڪو 11 جون 2026ع تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ وڏي ڌام ڌوم سان منعقد ڪيو ويو ۽ جنهن جي تعريفن جا سنڌ ۾ پل ٻڌا پيا وڃن. هن سيمينار کي پيپلز پارٽي جي جمهوري مزاج جو ثبوت قرار ڏنو ويو. چيو ويو ته اها اهڙي جماعت آهي جيڪا پنهنجي ئي پليٽ فارم تان پاڻ تي تنقيد جو موقعو به فراهم ڪري ٿي ۽ اها تنقيد برداشت به ڪري ٿي. تمام سٺو، پر هڪ سوال ڪرڻ جي جسارت ڪري سگهجي ٿي ته: ”اقتدار جا مزا ماڻيندي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ڇا اهڙو ڪم ڏکيو آهي، جڏهن رات جو قوم جا سمورا غم محفلن جي ٽهڪن ۾ وساريا وڃن؟“ سيمينار ۾ ڪهڙا موضوع بحث هيٺ آيا؟
اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو
ڇا پيپلز پارٽي بجيٽ کان اڳ ئي، بنا ڪنهن آئيني ترميم جي، گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن لاءِ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي چڪي هئي يا نه؟ ۽ جيڪڏهن هاڻي به اها منظوري نه ڏئي ته ڇا اهڙي شق منظور ٿي سگهي ٿي؟ ملڪ کي ون يونٽ ڏانهن ڌڪڻ اهو ڪم ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن جي سهڪار سان؟ صدر آصف علي زرداري پاڻ چون ٿا ته فِيلڊ مارشل جو اعزاز ۽ اختيار ڏيارڻ سندن ڪارنامو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو دعويٰ آهي ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون پيپلز پارٽي جي فخريه پيشڪش آهن. هاڻي توهان پاڻ سوچيو، سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ون يونٽ جهڙي صورتحال ڏانهن ڌڪڻ جو ڪم آخر ڪير ڪري رهيو آهي؟
ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ
ڪراچي جي سڀ کان وڏي اهميت ان جي سمنڊ ۽ بندرگاهن سبب آهي. پوءِ ٻڌايو ته اهي وفاق جي حوالي ڪنهن ڪيا؟ پيپلز پارٽيءَ يا ڪنهن ٻي ڌر؟ اهو به ان دور ۾ جڏهن فوج نسبتاً ڪمزور ۽ ذوالفقار علي ڀٽو طاقتور هو. حقيقت اها آهي يا نه؟ ڀلي ان لاءِ ڪيترا به جواز پيش ڪيا وڃن يا جواب ۾ وري جي ايم سيد تي تنقيد شروع ڪئي وڃي، پر اصل سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.
ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ
انهن ٻيٽن بابت اين او سي سنڌ حڪومت جاري ڪئي هئي يا ڪنهن ٻئي؟ بعد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاج کان پوءِ اها منظوري واپس ورتي وئي. توهان چاهيو ته ان جو ذميوار به وفاق کي قرار ڏئي ڇڏيو، اختيار پاڻ وٽ رکو ۽ الزام وفاق تي مڙهيو. جڏهن ذاتي مفادن جي ڳالهه اچي ته ”هڪ زرداري سڀ تي ڀاري“، پر جڏهن سنڌ جي حقن ۽ عوامي مفادن جي ڳالهه هجي ته پوءِ بيچاري پيپلز پارٽي وفاق آڏو بي وس بڻجي وڃي!
ڪيماڙي جي زمين ۽ ڊي ايڇ اي
تازو هاڪس بي، ڪيماڙي ڪراچي جي ڇهه هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ جو فيصلو سنڌ حڪومت ڪري رهي هئي يا ڪو ٻيو؟ جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تحريڪ هلائي ۽ عدالت مان حڪمِ امتناع حاصل ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چاهين ته اڄ ئي سنڌ حڪومت وسيلي عدالت کي اها خاطري ڪرائي سگهن ٿا ته آئنده ڪراچي جي هڪ انچ زمين به ڪنهن وفاقي اداري جي حوالي نه ڪئي ويندي. ڇا اهڙي ريت ڪراچي کي وفاقي قبضي کان بچائي نٿو سگهجي؟
زمين، پاڻي ۽ وسيلا
ٻڌايو ته ڊي ايڇ اي، بحريه، فضائيه، ڪمانڊوز ۽ ٻين وفاقي ادارن کي ڪراچي جي زمين، پاڻي ۽ وسيلا قانوني توڙي غير قانوني طريقن سان ڪير فراهم ڪري ٿو؟ سنڌ حڪومت يا ڪو ٻيو؟ يا وري اهي ايترا مجبور آهن جو سندن ڪا شراڪتداري يا مفاد ئي ناهي، ۽ اسلام آباد ۽ راولپنڊي وارا سڀ ڪجهه زبردستي کسي وٺن ٿا؟ جيڪڏهن ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڪا ٻي تعريف آهي ته اهي دانشور ضرور اسان کي سمجهائين، جن جي نظر ۾ هڪ سيمينار بجيٽ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو.
جيڪڏهن بجيٽ عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن آهي، ۽ پيپلز پارٽي جي منظوري کان سواءِ منظور نٿي ٿي سگهي، ته پوءِ ان کي رد ڪرڻ بدران رڳو سيمينار منعقد ڪري اهو سوال اٿارڻ جو مقصد ڇا هو ته: ”ڪراچي کي وفاق جي ماتحت هلائڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي، 18هين ترميم ۽ صوبائي خودمختياري خلاف قدمن وسيلي ڇا سنڌ کي ون يونٽ ڏانهن ڌڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي؟“ جناب، اها سازش نه پر اوهان جي شراڪتداري سان ان تي عمل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جو سلسلو به جاري آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ مون سنڌي ۾ هڪ مختصر مضمون لکيو هو: ”ڌنار، بگهڙ ۽ بلاول ڀٽو زرداري“.
ان ۾ سنڌ جي لوڪ دانش جي هڪ مشهور ڪهاڻي جو حوالو ڏنو ويو هو، جنهن ۾ ڌنار پاڻ بگهڙن جو ساٿي نه هو ۽ نه ئي پنهنجي ڌڻ جو شڪار ڪندو هو. هو رڳو ڪوڙيون دانهنون ڪدو هو ته ”بگهڙ آيو، بگهڙ آيو“.
پر هتي صورتحال مختلف آهي. هتي پيپلز پارٽي ۽ ان جا حمايتي پاڻ بگهڙن جا ساٿي بڻجي ڪراچي جا ٻيٽ، بندرگاهون، زمينون، وسيلا ۽ اختيار ٻين جي حوالي ڪن ٿا. آئيني ترميمن وسيلي عدليه کي ڪمزور ڪن ٿا، پيڪا قانون ذريعي اظهار راءِ جي آزادي محدود ڪن ٿا، قلم 144 لاڳو ڪري سياسي سرگرمين تي پابنديون مڙهين ٿا، ۽ بجيٽ وسيلي اين ايف سي ايوارڊ، 18هين ترميم ۽ محدود صوبائي خودمختياري کي به عملي طور بي اثر بڻائين ٿا. ان کان پوءِ هڪ سيمينار ۾ ٻه صحافي ۽ چار دانشور گهرائي دانهن ڪن ٿا: ”بگهڙ آيو، بگهڙ آيو!“ جڏهن ته حقيقت ۾: ”چڙي چُڳي وئي کيت.“ ۽ اسان جي دانش جو عالم اهو آهي جو واکاڻن جا مينهن وسي رهيا آهن:
”واهه واهه! پيپلز پارٽي سنڌ جو ڪيس پيش ڪري ڇڏيو. اسلام آباد وارا ٻڌو! اسان اوهان کي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. اسان اوهان کي ڪراچي وفاق جي ماتحت هلائڻ نه ڏينداسين. اسان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪٽوتي نه ٿيڻ ڏينداسين. اسان 18هين ترميم ختم نه ٿيڻ ڏينداسين. اسان ملڪ کي ون يونٽ نه بڻجڻ ڏينداسين.“ پر ٻئي ڏينهن جڏهن بجيٽ پيش ٿئي ٿي ته اهي سڀ ڪم ٿي چڪا هوندا آهن، جن خلاف سيمينار ۾ تقريرون ڪيون ويون هيون، ۽ انهن فيصلن ۾ اهي پاڻ به شريڪ هوندا آهن.
ان جي باوجود پيپلز پارٽي جي جمهوريت پسندي، سنڌ دوستي ۽ عوام دوستي جا ڳڻ ڳايا وڃن ٿا.
خدا خير ڪري! الله ڪري ته اسان کي ڪجهه شعور ۽ سمجهه نصيب ٿئي.