ڪجهه هفتا اڳ پاڻ هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو ته ” ادارا ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم دانهون ۽ رڙيون ڪري رهيا آهن ته اسان کي پيسا ۽ پگهارون ڏيو.“ ڪالهه وفاقي اردو اردو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ۽ دانشور اصغر دشتي صاحب وائيس چانسلر جي گاڏي جي آڏو يونيورسٽي جي اڱڻ تي احتجاج طور ليٽي پيو ۽ ليٽيندي دانهون ۽ رڙيون ڪري رهيو هو ته اسان کي پگهارون ڏيو، گهر وارا بکن ۾ آهن، ٻارن جي اسڪولن جون فيسون نٿا ڏئي سگهون، اسان کي پگهارون ڏيو يا ڀلي منهنجي مٿان گاڏي چاڙهي هليا وڃو. هن دانهيندي چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر اسان کي روڊن تي ليٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. مهينن کان پگهارون نه ٿيون ملن. اهڙين پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جو ڪهڙو فائدو جيڪي گهر جي ڪم نه اچي سگهن، ٻارن کي پالي نه سگهن، پگهارون نه ڏياري سگهن.
سندس ان انوکي ۽ انتهائي افسوس ناڪ احتجاج جي ويڊيو ڪالهه فيس بڪ جي گروپن تي وائرل ٿي. بعد ۾ ساڳي يونيورسٽي جي استادن وائيس چانسلر طرفان عورت استاد سان بدتميزي ڪرڻ خلاف يونيورسٽي روڊ تي پڻ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. ان کان اڳ تقريبن سڄو مهينو ڪراچي يونيورسٽي جا استاد ۽ ملازم به ڪلاسن ۽ امتحانن جو بائيڪاٽ ڪندي هڙتالي ڪيمپ قائم ڪيون ويٺا هيا ته اسان کي وقت سر نه پگهارون ٿيون ملن نه ئي الائونس پر ڪم سڀ ٿا وٺن.
اها ته ٿي ڪراچي يونيوسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي استادن جي احتجاج جي رپورٽ پر مجموعي طور تي ڏسجي ته سنڌ جي سڀني يونيورسٽين، سڀني ادارن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن جي اها ئي حالت آهي. پروفيسر اصغر دشتي صاحب اهو احتجاج ڪري حقيقي معنيٰ ۾ يونيورسٽين جي سڀني پروفيسرن توڙي سڀني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي بدحالي ۽ ادارن جي سربراهن جي بي حسي جي نمائندگي ڪئي آهي تنهن ڪري ئي پاڻ هن ايڊيٽوريل جو عنوان ڏنو آهي ته ” پروفيسر اصغر دشتي صاحب اسان اوهان سان گڏ آهيون“ اوهان يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ انهن سڀني استادن ۽ ملازمن جو آواز بڻيا آهيو جيڪي پگهارن کان محروم آهن.
اسان جو خيال آهي ته پروفيسر اصغر دشتي صاحب وانگر سڀني کي اهڙو آواز اٿارڻ گهرجي ته يونيورسٽيون ۽ ادارا پنهنجي ملازمن کان ڊيوٽيون ته پابندي سان وٺن ٿا، معمول جي ڪمن کان علاوه اضافي به ڪم وٺن ٿا پر کين سندن ڊيوٽين جي ادائيگي يعني پگهارون وقت سر نٿا ڪن. سنڌ حڪومت کان لازمي طور اهو سوال پڇڻ گهرجي ته اها يونيورسٽين ۽ ادارن کي پگهارن جا پيسا ڇو نٿي ڏي. جڏهن ته اصولي طور تي ڏسجي ته حڪومتي يا خانگي ادارن کي هلائڻ وارا ملازم ئي آهن. انهن جي دم سان ئي صوبائي ادارا هلي رهيا آهن ۽ ايئن حڪومتي وهنوار روان آهي. جنهن ڏينهن اهي احتجاج ڪندا آهن ته اهو ادارو بند ٿي ويندو آهي، يونيورسٽين جا ڪلاس ۽ امتحان رڪجي ويندا آهن، اسپتالن ۾ علاج رڪجي ويندو آهي، ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيون عملو ڪم ناهي ڪندو ته سڀ ڪجهه بيهي ويندو آهي، او پي ڊيون بند ٿي وينديون آهن. عوام روڊ، رستا ۽ شاهرائون بند ڪندو آهي ته سڄو آمد رفت جو نظام بيهي ويندو آهي. ان وقت نه صدر نظر ايندو آهي ، نه ئي وزيراعظم، نه وڏا وزير نه ئي ٻيا وزير توڙي انتظامي سربراهه پهچندا آهن.
ڪراچي يونيورسٽي جهڙي عالمي يونيورسٽي جي استادن ۽ ملازمن جي روز واري هڙتال جو نوٽيس تقربين مهيني کان پوءِ ورتو ويو تيستائين يونيورسٽي جو تدريسي عمل مڪمل طور تي بند هو، پر وڏيون وڏيون پگهارون، مراعاتون ۽ پروٽوڪول وري وزيراعظم، صدر، وزيرن ۽ انتظامي سربراهن کي ملندو آهي. جيڪي ادارا هلائيندڙ ملازمن کي وقت سر پگهارون به نه ڏئي سگهندا آهن.کانئن پڇڻ گهرجي ته جيڪڏهن ملڪي ۽ صوبائي ادارن جي ملازمن کي وقت سر پگهارون نه ڏينداسين ته پوءِ اهي ادارا ڪيئن هلندا؟
شابس آهي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي جيڪي ٻن ٻن ٽن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ باوجود پنهنجي ڪم سان نمڪ حلالي ڪندي ڪيئن به ڪري پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪري ملڪي ۽ صوبائي ادارن کي هلائي رهيا آهن. اسان جي ادارن جا سربراهه پنهنجو ڪم ته ملازمن کان پورو وٺندا آهن پر کين اجورو وقت سر نه ڏئي سگهندا آهن ۽ نه ئي اهو اجورو ڏيارڻ لاءِ ڪو هٿ پير هڻندا آهن. اڃان به چوندا ته حالتون اهي ئي آهن جن کي ڪم ڪرڻو آهي سي ڪن جن کي ناهي ڪرڻو سي ڀلي وڃن. اهڙي ٻولي اهي سربراهه ئي ڳالهائي سگهن ٿا جن جو پنهنجو پيٽ ڀريل هوندو آهي. اهو ئي شايد سبب آهي جو اهي پنهنجن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي جائز پگهار جي ادائيگي لاءِ آواز نٿا اٿارين.
پروفيسر اصغر دشتي جيڪو ڪالهه يونيورسٽي جي آڏو وائيس چانسلر جي گاڏي جي آڏو ليٽي احتجاج ڪيو آهي سو يقينن انتظامي سربراهن جي اهڙي بي حسي ۽ لاتعلقي خلاف ئي آهي. سو اسان جو خيال آهي ته ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ استادن جي انهن دانهن ۽ ڪوڪن کي ٻڌڻ حڪومتي سربراهن جو ڪم آهي، انهن کي پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم اسان جي ادارن کي ته پنهنجو رت ست ڏئي ڪيئن به ڪري هلائين ٿا پر انهن جا پنهنجا گهر ڪيئن هلندا، گهرن جا ڪرايا ڪيئن ادا ڪندا، بجلي گيس ۽ پاڻي وغيره جا بل ڪيئن ادا ڪندا، ٻارن جون فيسون ڪيئن جمع ڪندا جيڪڏهن انهن کي وقت سر پگهارون نه ڏئي سگهبيون. سو حڪمرانن کي ان پاسي هنگامي بنيادن تي سوچڻ گهرجي ۽ ادارن جي ملازمن جي جائز پگهارن کي يقيني بڻائڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي