ڪيٽي بندر کي عالمي سامونڊي، صنعتي ۽ توانائي مرڪز طور ترقي ڏيڻ بابت سنڌ حڪومت جي تازي اعلان کي ڪيـتري قدر حقيقي جامعو پارايو ويندو اھو وقت ضرور ٻڌائيندو پر ان ڪيل اعلان تي ھن وقت ڪافي ماڻھن جا بحث مباحثا شروع ٿي ويا آھن اھي بحث پنھنجي جاءِ تي پر آئون اھو ضرور ڇوندس ته ڄاڻايل پراجيڪٽ تي جيڪڏھن عمل ٿيو ته ھي اعلان نه رڳو هڪ ترقياتي منصوبي جي شروعات ثابت ٿيندو ، پر اهو سنڌ جي معاشي مستقبل بابت هڪ وڏي ويزن جو اظهار پڻ آهي. شايد ڪجهه حلقن لاءِ هن اعلان جي واکاڻ قابل قبول نه هجي، پر حقيقت اها آهي ته هي منصوبو صرف هڪ نئين تجويز طور نه بلڪہ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اُن خواب جو تسلسل به آهي، جنهن جو بنياد سندس دور حڪومت ۾ رکيو ويو هو.
محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي سامونڊي پٽي جي معاشي اهميت کي گهڻو اڳ سمجهي ورتو هو. سندس خواهش هئي ته ڪيٽي بندر کي جديد بندرگاه، صنعتي مرڪز ۽ بين الاقوامي واپاري گيٽ وي طور ترقي ڏني وڃي. افسوس جو سندس حڪومت جي خاتمي کان پوءِ هي منصوبو عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. نتيجي طور ٺٽي، سجاول ۽ ساحلي علائقن جي عوام ڪيترن ئي سالن کان هن منصوبي جي بحالي ۽ تڪميل جو مطالبو ڪندي رهي آهي.
هاڻي جڏهن سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ ۾ ڪيٽي بندر کي عالمي سامونڊي، صنعتي ۽ توانائي حب طور ترقي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته اهو يقيناً سنڌ جي عوام، خاص طور ساحلي پٽي ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ اميد جي نئين ڪرڻ بڻجي سامهون آيو آهي. هي منصوبو صرف هڪ ضلعي يا صوبي جي ترقي تائين محدود نه آهي، پر ان جا اثر پاڪستان جي مجموعي معيشت تي به پئجي سگهن ٿا. اهو اعلان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ملڪ سياسي ڇڪتاڻ، معاشي غيريقيني صورتحال، مهانگائي ۽ موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. خاص طور ڪيٽي بندر جهڙو سامونڊي علائقو سالن کان سامونڊي طوفانن، ساحلي ڪٽائي، سمنڊ جي وڌندڙ سطح ۽ موسمي تبديلي جي خطرن سان جهيڙي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن حڪومت هن علائقي کي ترقي جي مرڪز طور سامهون آڻي رهي آهي ته ان کي رڳو هڪ معاشي منصوبي نه، پر ساحلي علائقن جي مستقبل بابت هڪ حڪمت عملي پڻ سمجهڻ گهرجي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاه، جو سنڌ جو بجيٽ. پيش ڪندي ھي يارھون ڀيرو آھي جنھن ھن واضح طور تي چيو آهي ته ڪيٽي بندر کي صرف هڪ بندرگاه طور نه پر ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون، ٿر جي توانائي وسيلن، جديد لاجسٽڪس نيٽ ورڪ ۽ عالمي واپاري رستن سان ڳنڍي هڪ جامع معاشي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويندو. جيڪڏهن اهو ويزن مڪمل طور تي عملي جامو پهري ٿو ته ڪيٽي بندر پاڪستان لاءِ هڪ نئين معاشي گيٽ وي جي حيثيت اختيار ڪري سگهي ٿو.
تاريخ شاهد آهي ته دنيا جي ترقي يافته معيشتن جي بنياد ۾ سامونڊي واپار جو وڏو ڪردار رهيو آهي. سنگاپور، دبئي، روٽرڊيم ۽ شنگهائي جهڙا شهر بندرگاهن جي ڪري عالمي معيشت جا مرڪز بڻيا. سنڌ وٽ 350 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ سامونڊي پٽي موجود آهي، پر بدقسمتي سان ان جي مڪمل معاشي صلاحيت مان ڪڏهن به ڀرپور فائدو حاصل نه ڪيو ويو.آھي ڪيٽي بندر جي ترقي ان تاريخي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي هڪ اهم ڪوشش طور ڏسڻ گهرجي. جيئن ته بجيٽ ۾ مالي دٻاءُ سبب سالياني ترقياتي پروگرام کي 575 ارب رپين مان گهٽائي 400 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به حڪومت واضح ڪيو آهي ته اهم معاشي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن کي جاري رکيو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ ڪيٽي بندر جي اهميت وڌيڪ وڌي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي منصوبو صرف بندرگاهي سهولتن تائين محدود نه رهندو، پر صنعت، واپار، لاجسٽڪس، روزگار، برآمدات ۽ توانائي جي نئين زنجير جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.خاص طور ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سان ڪيٽي بندر کي ڳنڍڻ جو تصور انتهائي اهميت رکي ٿو. ڌاٻيجي اڳ ئي صنعتي سيڙپڪاري ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهدي جي تناظر ۾ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن سامونڊي رسائي، صنعتي پيداوار ۽ ٿر جي توانائي وسيلن کي هڪ مربوط معاشي ڪوريڊور ۾ تبديل ڪيو وڃي ته سنڌ ڏکڻ ايشيا جي اهم واپاري مرڪزن مان هڪ بڻجي سگهي ٿي.
توانائي جي شعبي ۾ به بجيٽ جا اعلان قابل توجہ آهن. 18 ارب رپين جي لاڳت سان لکين خاندانن کي مفت سولر هوم سسٽم فراهم ڪرڻ ۽ سبسڊي واري سولر فنانسنگ پروگرام جي شروعات ان ڳالھ جو اشارو آهي ته حڪومت روايتي توانائي سان گڏ قابل تجديد توانائي کي به هٿي ڏيڻ چاهي ٿي. ڪيٽي بندر جي ساحلي جاگرافي مستقبل ۾ ونڊ ۽ سولر توانائي منصوبن لاءِ انتهائي موزون ثابت ٿي سگهي ٿي، جنهن سان هن علائقي جي معاشي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.بھرحال اچون بجيٽ تي ان ۾ ڪو نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آھي ، زرعي شعبي کي رليف ڏيڻ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ، سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ سهولتون وڌائڻ ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن لاءِ اضافي وسيلا مختص ڪرڻ يقيناً عام ماڻهن لاءِ ڪجهه آسرو پيدا ڪن ٿا. پر ڪنهن به معاشي پاليسي جي اصل ڪاميابي ان ڳالهه سان ماپي ويندي ته اها نوان روزگار، نئين سرمايه ڪاري ۽ نيون برآمدي مارڪيٽون پيدا ڪرڻ ۾ ڪيتري ڪامياب ٿئي ٿي. انهيءَ تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته ڪيٽي بندر جو منصوبو سنڌ جي معاشي مستقبل جو مرڪزي نقطو بڻجي سامهون اچي ٿو. جيڪڏهن بندرگاهي انفراسٽرڪچر، روڊن، ريلوي رابطن، صنعتي زونن، توانائي منصوبن ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هڪ مربوط حڪمت عملي تحت اڳتي وڌايو ويو ته ڪيٽي بندر صرف هڪ. ننڍڙو ساحلي شهر نه رهندو، پر پاڪستان جي نئين معاشي جاگرافي جو بنيادي ستون بڻجي ويندو.
سنڌ جي نئين بجيٽ جو سڀ کان اهم پيغام شايد اهو ئي آهي ته صوبي جي ترقي جو ايندڙ باب هاڻي صرف ڪراچي، حيدرآباد يا ٻين روايتي شهري مرڪزن تائين محدود نه رهندو، پر سامونڊي معيشت، جديد صنعت، توانائي ۽ عالمي واپار جي نون امڪانن ذريعي ڪيٽي بندر جهڙا علائقا به قومي ترقي جي مرڪز ۾ آندا ويا ته تمام وڏي ترقي ٿيندي . هاڻي نظرون ان ڳالھ تي ڄميل آهن ته هي اعلان رڳو بجيٽ تقرير جو حصو ثابت ٿئي ٿو يا واقعي سنڌ جي معاشي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات بڻجي ٿو.