سنڌ بجيٽ: ترقياتي عمل ۽ ڪجهه صلاحون

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

جون جو مهينو سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به مالي ۽ اقتصادي سرگرمين جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ نئون مالي سال پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندو آهي ۽ ان ئي مهيني کان نئين سال جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي آهي. بجيٽ اصل ۾ رڳو آمدني ۽ خرچن جو حساب ڪتاب ناهي هوندي، پر اهو هڪ اهڙو مالي تخمينو هوندو آهي جنهن ۾ ملڪ ۽ صوبي جي ترقياتي عمل لاءِ پئسا رکيا ويندا آهن، نيون رٿائون جوڙيون وينديون آهن ۽ عوامي بهبود لاءِ حڪومت پنهنجي حڪمتِ عملي پيش ڪندي آهي. هي مالي سال يڪ سالو هوندو آهي، جيڪو پهرين جولاءِ کان شروع ٿي ايندڙ سال 30 جون تي ختم ٿيندو آهي ۽ ان ئي دورانيي ۾ سڀني ترقياتي منصوبن کي عملي جامو پهرائڻو هوندو آهي.

تازو وفاقي حڪومت پاران بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ مٿاڇري طور تي ڪافي وڏا اعلان ۽ دعوائون ته ڪيون ويون آهن پر معاشي ماهرن جي مطابق، ان ۾ حقيقي طور تي ڪو مضبوط روڊ مئپ نظر نٿو اچي. حڪومت پاران ايندڙ مالي سال لاءِ اقتصادي واڌاري جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي پهچڻ موجوده معاشي بحران ۾ هڪ وڏو چيلينج آهي. ٻئي طرف، وفاقي بجيٽ ۾ مالي خسارو ايترو ته وڌيل آهي جو مرڪز پنهنجي خساري کي گهٽائڻ لاءِ صوبن جي حصي جي پئسن تي نظر رکيو ويٺو آهي. ملڪي قرضن جي وڏي بار سبب صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ رقم ۾ ڪٽوتي يا دير جا خدشا آهن، جنهن جي ڪري جيڪڏهن صوبن کي پنهنجو پورو حصو نه ملندو ته ظاهري ڳالهه آهي ته هلندڙ سالن ۾ صوبائي سطح تي ترقياتي ڪم سخت متاثر ٿيندا. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جهڙن صوبن کي، جيڪي اڳ ئي ڪيترن ئي پسمانده علائقن تي مشتمل آهن، وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي غريب عوام کي ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا ملي سگهن.

ان ڏکي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت پاران پڻ پنهنجي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ وڏي وزير پنهنجي تقرير ۾ بجيٽ جي حوالي سان ڪيتريون ئي وضاحتون پيش ڪيون ۽ ان کي عوام دوست قرار ڏنو، پر معاشي ماهرن جو خيال آهي ته غريبن جي فلاح ۽ ترقياتي مد ۾ جيڪا رقم رکي وئي آهي، ان جا اثر زميني سطح تي نظر اچڻ مشڪل آهن. سنڌ جي اقتصادي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري هو ته ترقياتي منصوبن لاءِ اڃا به وڌيڪ رقم رکي وڃي ها. ياد رهي ته سنڌ جي آبادي پنجاب کان گهٽ آهي، جنهن ڪري پنجاب جي بجيٽ جو حجم سنڌ کان وڏو آهي، پر سنڌ جي اڪثريتي آبادي ۽ ٻهراڙي وارا علائقا اڄ به غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ حڪومت ڪافي پراڻن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪيترائي نوان منصوبا ايندڙ سالن ڏانهن ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ نين رٿائون لاءِ فنڊ گهٽ رکيا ويا آهن. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته وفاق کان پئسا گهٽ ملڻ جي باوجود هنن پنهنجي محدود وسيلن مان عوام لاءِ بهترين بجيٽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

صوبي جي گادي جي هند ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارن، اسڪولن، روڊن رستن ۽ هيلٿ ڪيئر جي حالت اڃا به سڌاري جي گهرجائو آهي. سنڌ حڪومت هن سال تعليمي بجيٽ ۾ واڌارو ته ڪيو آهي، جنهن جو مقصد تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي، پر اصل چيلينج انهن فنڊن جو صحيح ۽ شفاف استعمال آهي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ وزيرن کي گهرجي ته اهي رڳو ڪراچي تائين محدود نه رهن، پر سڄي سنڌ جي اسڪولن ۽ اسپتالن جي بهتري لاءِ فنڊن جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻائين. ملڪ ۽ صوبي جي ترقي تائين ممڪن ناهي، جيسين انسان دوست ۽ عوامي منصوبا تيار نه ڪيا ويندا. اسان کي سنڌ ۾ نوان ڪارخانا، انڊسٽريل زون ۽ سرمائيڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، ته جيئن نوجوانن کي روزگار ملي ۽ صوبو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي.

هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو نوٽ ايترو ته چڙهي ويو آهي جو غريب توڙي مڊل ڪلاس ماڻهو سخت پريشان آهن. روزگار جا وسيلا ڏينهن به ڏينهن گهٽجي رهيا آهن، مزدور جي پگهار اٽي ۽ لڪڙي جيتري به ناهي رهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو معاشي گهٽتائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صوبائي سطح تي قدم کڻي، غريبن لاءِ سبسڊي جو انتظام ڪري ۽ صحت واري شعبي ۾ وڏا رليف ڏئي، ڇاڪاڻ ته جيسين صوبي جي اقتصادي حالت نٿي سڌري، تيسين عوام خوشحال نٿو ٿي سگهي.

سنڌ جي اها خوش نصيبي آهي جو هن وقت صحت ۽ اقتصادي معاملن جي نگراني لاءِ سنڌ حڪومت وٽ فضل الله قريشي صاحب، ڊاڪٽر شهاب اوستو، عارف خان، پروفيسر مشتاق ميراڻي ۽ قيصر  بنگالي صاحب جهڙا انتهائي تجربيڪار، عقل ۽ علم وارا ماهر گڏجي ويٺا آهن. اهي اهڙيون شخصيتون آهن جيڪي سنڌ جي معاملن ۽ هتان جي ڏکن کان چڱي ريت واقف آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي پوري طاقت ۽ ايمانداري سان انهن ماهرن جي عقل، علم ۽ صلاح مشوري تي عمل ڪندي صحيح منصوبابندي ڪري، ته ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي اقتصادي حالت بهتر ٿي ويندي، سڀني رٿائن تي ايمانداري سان عمل ٿيندو ۽ سنڌ جو مستقبل سچ پچ روشن ٿي ويندو.

 

You might also like