آمريڪا ايران امن معاهدو ۽ ان کي ناڪام ڪرڻ جون ڪوششون

حامد مير

هو سخت پريشان ٿي چڪو آهي. هن کي يقين ئي نٿو اچي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان امن معاهدي تي راضي ٿي ويو آهي. هو بار بار پنهنجن ويجهن ساٿين کان پڇي رهيو آهي ته هن امن معاهدي تي عملدرآمد کي ڪيئن روڪيو وڃي، پر سندس ساٿين وٽ به ڪو جواب ناهي. هن پريشان شخص جو نالو بينجمن نيتن ياهو آهي، جيڪو اسرائيل جو وزيراعظم آهي15 جون تي پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جو اعلان ڪيو ته نيتن ياهو تي ڄڻ آسمان ڪري پيو. 28 فيبروري تي هن ٽرمپ سان گڏجي ايران تي جيڪو حملو ڪيو هو، ان جو مقصد رڳو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نه هو، پر اصل مقصد ايران کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ ۽ ”گريٽر اسرائيل“ جي خواب کي حقيقت بڻائڻ هو.

نيتن ياهو جو خيال هو ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کان پوءِ ايران ڪاغذ جي ٽڪرن وانگر وکري ويندو، پر سندس سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا. خامنه اي جي شهادت ايران کي وڌيڪ متحد ڪري ڇڏيو. هن جنگ سبب آبنائي هرمز جي بندش عالمي معاشي بحران کي جنم ڏنو، ۽ اهو ئي وقت هو جڏهن ٽرمپ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ٽرمپ هن جنگ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد حاصل ڪئي. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. پاڪستان کي ان ۾ ڪاميابي ان ڪري ملي جو هاڻي پاڪستان ۾ آمريڪا جو ڪو فوجي اڏو موجود نه آهي، تنهن ڪري ايران پاڪستان کي ثالث طور قبول ڪيو. اپريل ۾ جنگبندي ٿي ۽ جون ۾ امن معاهدي جو اعلان ڪيو ويو. ڪو مڃي يا نه مڃي، هي امن معاهدو دراصل اسرائيل جي شڪست جو اعلان آهي. اها رڳو فوجي شڪست نه پر نيتن ياهو جي سياسي موت جو پروانو پڻ آهي. آڪٽوبر 2026ع ۾ اسرائيل ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. ايران خلاف جنگ کان اڳ نيتن ياهو اسرائيل ۾ تمام گهڻو مقبول هو، پر هي جنگ اسرائيل لاءِ معاشي تباهي جو سبب بڻي، جنهن ڪري هاڻي سندس مقبوليت گهڻو گهٽجي چڪي آهي.

هن لاءِ سڀ کان وڏو ڌڪ آمريڪا ۽ يورپ ۾ اسرائيل جي حمايت ۾ گهٽتائي اچڻ آهي. ٽرمپ جي ڪوشش آهي ته نيتن ياهو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي جي حمايت تي راضي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن معاهدي ۾ لبنان مان اسرائيلي فوج جي واپسي جي شق به شامل آهي. نيتن ياهو جي رضامندي کانسواءِ هن معاهدي تي عملدرآمد ڏکيو هوندو. جڏهن هن امن معاهدي جو اعلان ٿيو ته سڄي دنيا خوش هئي، پر ٻه ماڻهو پريشان هئا: هڪ نيتن ياهو ۽ ٻيو نريندر مودي. نيتن ياهو کي وڌيڪ ذهني ڌڪ تڏهن رسيو جڏهن مودي به آمريڪا ۽ ايران جي امن معاهدي جو آڌرڀاءُ ڪيو. مودي پنهنجي بيان ۾ پاڪستان جو نالو ته نه ورتو، پر سندس گول مول بيان اصل ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي جو اعتراف هو.

هاڻي نيتن ياهو وٽ ٻه رستا آهن. پهريون اهو ته هو کليل دل سان امن معاهدي کي قبول ڪري ۽ ان مان اسرائيل لاءِ وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪري. ٻيو رستو اهو آهي ته هو زباني طور معاهدي کي تسليم ڪري، پر عملي طور ان جي ڀڃڪڙي جاري رکي. سندس ماضي کي ڏسندي خدشو آهي ته هو ٻيو رستو اختيار ڪندو. نيتن ياهو جو اهو چوڻ غلط آهي ته کيس آمريڪا ۽ ايران جي معاهدي جي تفصيلن جي خبر نه هئي. ٽرمپ کيس هر مرحلي کان آگاهه رکيو، پر هو ان جو اعتراف نه ڪندو. اپريل ۾ پاڪستان طرفان جنگبندي جو اعلان ٿيو ته ان ۾ لبنان به شامل هو. جون ۾ امن معاهدي جي اعلان ۾ به لبنان شامل هو. انهيءَ ڪري اسلام آباد ۾ ڳالهين کان پوءِ آمريڪا ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڳالهين جو اهتمام ڪيو ويو.  3 جون تي لبنان، اسرائيل ۽ آمريڪا هڪ گڏيل بيان ۾ جنگبندي تي رضامندي ظاهر ڪئي، پر نيتن ياهو ان کان پوءِ به جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي. اها اسرائيل جي پراڻي روايت رهي آهي. اسرائيل عالمي دٻاءَ هيٺ ڪيترائي ڀيرا جنگبندي قبول ڪئي، پر ان تي مڪمل عمل نه ڪيو.

1996ع ۾ آمريڪا لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي ڪرائي، جنهن جي اسرائيل بار بار ڀڃڪڙي ڪئي. 2006ع ۾ لبنان-اسرائيل جنگ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ذريعي روڪائي وئي، پر اسرائيل ان کي به نظرانداز ڪيو. 2024ع ۾ اسرائيل ٻيهر لبنان تي حملو ڪيو، ۽ ان ڀيري آمريڪا ۽ فرانس جنگبندي ڪرائي، پر اسرائيل ان کي به ڪيترائي ڀيرا ٽوڙيو. خدشو آهي ته جيڪڏهن 2026ع ۾ به اسرائيل جنگبندي قبول ڪري ته شايد ان کي برقرار نه رکي. هڪ طرف اسرائيل جو قومي مفاد آهي ۽ ٻي طرف نيتن ياهو جو ذاتي مفاد. هو ايران هٿان شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ 60 ڏينهن انتهائي اهم هوندا. انهن ڏينهن ۾ جامع معاهدي لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون، جيڪي آسان نه هونديون. لبنان جي صورتحال بار بار رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ايران واضح ڪري چڪو آهي ته لبنان مان اسرائيلي فوج جي واپسي ان لاءِ تمام اهم آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي فوجي طاقت جي بي دريغ استعمال مان دنيا لاءِ هڪ سبق ملي ٿو. ايران خلاف هڪ سپر پاور جي جنگ ۽ لبنان خلاف اسرائيل جي جنگ جا نتيجا ثابت ڪن ٿا ته اڄ جي دور ۾ فوجي طاقت هر مسئلي جو حل ناهي. پيچيده تڪرار به سياسي ۽ سفارتي ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا. هن سلسلي ۾ پاڪستان جو سفارتي ڪردار هڪ نئين مثال طور سامهون آيو آهي. پاڪستان عالمي امن جي نگهبان طور اڀريو آهي، پر ان کي اڃا به ڪيترن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. ايران تي رڳو آمريڪا نه پر يورپي ملڪن به پابنديون لڳايون آهن، جيڪي فوري طور ختم نه ٿينديون. يورپي يونين ايران کان انساني حقن جي صورتحال بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪندي.

آمريڪا ايران ڳالهين جي ڪاميابي ۾ چين جو ڪردار پڻ اهم رهيو آهي. چين ۽ روس کان علاوه ترڪي، قطر ۽ سعودي عرب به چاهين ٿا ته پاڪستان جيئن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت ۾ ڪردار ادا ڪيو، تيئن افغانستان سان به مفاهمت جو رستو ڪڍي. پاڪستان جا پاليسي ساز افغانستان جي موجوده حڪمرانن کي ڀارت جي پراڪسي سمجهن ٿا. اطلاعن موجب ٽرمپ انتظاميا چاهي ٿي ته پاڪستان ۽ ڀارت به پاڻ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ڪن. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مستقل امن آمريڪي واپاري ادارن ۽ سيڙپڪارن جي ضرورت بڻجي چڪو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ به آمريڪا ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. لبنان ۾ بدامني اسرائيل جي ضرورت آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ بدامني ڀارت جي ضرورت سمجهي وڃي ٿي. ”گريٽر اسرائيل“ ۽ ”اکنڊ ڀارت“ عالمي امن لاءِ مستقل خطرو قرار ڏنا وڃن ٿا.

ايندڙ ڏينهن ۾ نيتن ياهو پنهنجي انٽيليجنس نيٽ ورڪ ذريعي صدر ٽرمپ خلاف ڪو نئون ”پنڊورا باڪس“ کولي سگهي ٿو. ڪو نئون اسڪينڊل عالمي ميڊيا جي سرخين ۾ اچي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن ٽرمپ سياسي مشڪلاتن ۾ ڦاسي پيو ته آمريڪا-ايران امن معاهدو نئين بحران کي منهن ڏئي سگهي ٿو. نيتن ياهو پاڻ ته ٻڏندو ئي، پر پنهنجي پراڻي ساٿي کي به ساڻ ٻوڙڻ چاهي ٿو. آمريڪا ۾ حڪومت جي تبديلي ايران ۽ پاڪستان ٻنهي لاءِ نيون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like