اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ناڻي واري قائم ڪميٽي انڪم ٽيڪس ريٽرنز رڳو اليڪٽرانڪ ذريعن سان جمع ڪرائڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب فيڊرل ريوينيو بورڊ (ايف بي آر) اختيارين موجب انڪم ٽيڪس ريٽرنز هاڻي رڳو آءِ آر آءِ ايس (IRIS) ذريعي اليڪٽرانڪ طريقي سان جمع ڪرائڻ لازمي هوندو.
ايف بي آر اختيارين ٻڌايو ته ڪمپنين جا مالي گوشوارا به مشين ريڊ ايبل فارميٽ ۾ جمع ڪرايا ويندا. اختيارين موجب 2013ع کان دستي طريقي سان ريٽرنز جمع نه ڪرايا پيا وڃن، پر گوجرانوالا سميت ڪجهه شهرن مان اڃا به دستي ريٽرنز جمع ٿي رهيا هئا، تنهن ڪري هاڻي مڪمل طور تي اليڪٽرانڪ ريٽرنز جمع ڪرائڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي.
ايف بي آر موجب الگورٿمڪ سيٽلمينٽ ميڪانيزم قبول ڪندڙن لاءِ نظرثاني ٿيل ريٽرنز جمع ڪرائڻ جي سهولت واري تجويز به منظور ڪئي وئي آهي. الگورٿمڪ سيٽلمينٽ تحت ريٽرن لاءِ ڪمشنر جي اڳواٽ منظوري گهربل نه هوندي، جڏهن ته اهو طريقو اختيار ڪندڙ ٽيڪس ڏيندڙن تي ڌار ڏنڊ ۽ سرچارج لاڳو نه ڪيو ويندو.