ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيئر اسپورٽس صحافي قمر احمد 88ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. گهر ڀاتين موجب قمر احمد دل جي عارضي ۾ مبتلا هو.
رپورٽ موجب قمر احمد جو شمار پاڪستان جي شروعاتي ڪرڪيٽ صحافين ۾ ٿيندو هو. هن صحافي جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ 400 کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچن ۽ 600 کان وڌيڪ ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي ڪوريج ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي آءِ سي سي ايونٽس کي به رپورٽ ڪيو.
قمر احمد 23 آڪٽوبر 1937ع تي اتر پرديش ۾ پيدا ٿيو ۽ گهڻو وقت انگلينڊ ۾ به رهيو. هن 17 فرسٽ ڪلاس ميچون پڻ کيڏيون ۽ قائداعظم ٽرافي ۾ حيدرآباد ٽيم جي اڳواڻي ڪئي.
قمر احمد جو شمار دنيا جي مشهور ڪرڪيٽ رائيٽرز ۽ تجزيه نگارن ۾ ٿيندو هو. سندس جنازي نماز اڄ مغرب جي نماز کانپوءِ بيت السلام مسجد، ڊي ايڇ اي فيز 4 ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي.