سنڌ مان اڃان ڪيتريون پريا ڪماريون، اجالائون ۽ بشرائون اغوا ڪرائيندئو؟

سنڌ حڪومت جي ان ڪارڪردگي کي ڇا چئجي جنهن ۾ ڏسجي ته نياڻين جي اغوائن جا واقعا چوٽ چڙهي ويا آهن جڏهن ته بازيابي جي معاملي ۾ وري ڪا ڪاميابي نظر نه ٿي اچي. تازي  خبر اسان جي لاڙڪاڻي جي بيورو رپورٽر ڏني آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي دڙي پاڙي جي رهواسڻ، اٺين جماعت جي شاگردياڻي 13 ورهين جي بشريٰ ٽيون ڏينهن صبح جي وقت نينگري گهران نڪرڻ کان پوءِ پراسرار طور لاپتا ٿي وئي آهي. اهڙو اطلاع جي چاچا برڪت علي شيخ لاڙڪاڻي پريس ڪلب پهچي ميڊيا  کي ڏنو ۽ دڙي پوليس ۾ به رپورٽ درج ڪرائي آهي.

جڏهن ته ميهڙ جي منظور ڪالوني جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي اغوا واري واقعي کي به ٻه مهينا گذري چڪا آهن.  ان بابت ٻڌايو پيو وڃي ته 14 اپريل 2026 تي 6 ورهين جي  پهرين درجي جي شاگردياڻي اجالا سينڌل مهيسر پرائمري اسڪول ۾ رسيس دوران پنهنجي ئي چاچا جي دڪان تان شئي وٺڻ کان پوءِ گم ٿي وئي آهي. ان ڪيس ۾ به مقامي پوليس  ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. اجالا جي والدين انڪشاف ڪيو آهي ته ايس ايس پي دادو پاران جوڙيل جاچ ٽيم به 15 ڏينهن اڳ ختم ٿي وئي. آفيسرن کي بدلي ڪيو ويو ۽ ميهڙ ٿاڻي تي مقرر ڪيل نوان ايس ايڇ اوز، ڊي ايس پي وري اسان کان  ٻارڙي جي اغوا واري معاملي تي پڇا به نه ڪئي آهي نه ئي وري هڪ مهيني کان ايس ايس پي دادو ڪا پرگهور لڌي آهي. چونڊيل نمائندا به معيار خاطر اچي ملاقات ڪري پوءِ خاموش ٿي ويهي رهيا آهن. اسيمبلين جي ڪنهن به فورم تي اسان جي نياڻين جي اغوا واري معاملي تي آواز ناهي اٿاريو ويو. جڏهن ته اسان پنهنجي وس آهر دانهون ئي ڪندا رهون ٿا. ميهڙ جي مختلف شهر ۾ احتجاج به ڪندا رهيا آهيون  اجالا جي وارثن سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست جماعتن، پ ٽ الف جي استادن، وڪيلن ۽ سنڌ جي سجاڳ توڙي متحرڪ عورتن کي وڌايو ۽ نياڻي جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري نياڻي جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي.

سنڌ مان نياڻين جي اغوائن واري ڪيس جو هڪ وڏو واقعو پريا ڪماري به آهي جنهن جي اغوا جي هاڻي هر  ڏهين محرم تي ياد ملهائي ويندي آهي. سو سنڌ حڪومت کان سوال اهو آهي ته سنڌ مان اڃان ڪيتريون پريا ڪماريون، اجالائون ۽ بشرائون اغوا ڪرائيندئو.

افسوس  اهو آهي ته جنهن رفتار سان سنڌ مان ڇوڪريون اغوا ٿين ٿيون، ان رفتار سان انهن جي بازيابي ممڪن نٿي بڻجي. سوال اهو آهي ته آخر هن صورتحال کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ڇا اها حڪومت جي ناڪامي آهي، نااهلي آهي يا اهو مسئلو حڪومت جي ترجيحن ۾ ئي شامل ناهي؟ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيندڙ نياڻين جي فهرست ڊگهي ٿيندي پئي وڃي. پريا ڪماري جو نالو ته سنڌ جي هر ماڻهو جي ذهن ۾ نقش ٿي چڪو آهي. سالن کان سندس امڙ سميت وارث دربدر آهن، احتجاج ڪري رهيا آهن، اپيلون ڪري رهيا آهن، اهڙي ريت اجالا سولنگي ۽ ٻين ڪيترين ئي ڇوڪرين جا ڪيس آهن جيڪي وقت سان گڏ فائيلن ۾ دفن ٿي ويا آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي معصوم شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت نه ڪري سگهي ته پوءِ عوام جي اعتماد جو بنياد ئي ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

ڪجهه وقت اڳ جڏهن سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙي کان پريا ڪماري بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته “سنڌ ۾ هجن ته بازياب ٿين نه.” اهو جواب شايد هڪ سياسي وضاحت طور ڏنو ويو هجي، پر ان جواب ڪيترائي نوان سوال پيدا ڪري ڇڏيا. آخر پريا ڪماري ۽ ٻيون اغوا ٿيل نياڻيون سنڌ مان ئي ته اغوا ٿيون آهن. جيڪڏهن اهي سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر پهچي ويون آهن ته انهن کي اتي پهچڻ ڪنهن ڏنو؟ ڇا سنڌ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ اهڙي ڪا صلاحيت ناهي جو اهي اغواڪارن جي نيٽ ورڪ کي روڪي سگهن؟ ڇا صوبائي حڪومت جون ذميواريون صرف صوبي جي حدن تائين محدود آهن؟ جيڪڏهن ڪو شهري سنڌ مان اغوا ٿي ٻئي صوبي ۾ منتقل ڪيو وڃي ته ڇا ان سان حڪومت جي ذميواري ختم ٿي وڃي ٿي؟

حقيقت اها آهي ته اهڙن بيانن سان عوام جي زخمن تي مرهم نه پر لوڻ ڇٽيو وڃي ٿو. عوام اهو ٻڌڻ چاهي ٿو ته حڪومت وٽ انهن نياڻين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي آهي، نه ته اهو ته جيڪڏهن اهي سنڌ ۾ هجن ها ته کين ڳولي وٺون ها. جديد دور ۾ جڏهن دهشتگردن، ڏوهارين ۽ بين الصوبائي گينگن کي ڳولڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿي رهي آهي، تڏهن معصوم ڇوڪرين جي بازيابي ۾ مسلسل ناڪامي کي صرف هڪ معمولي مسئلو قرار نٿو ڏئي سگهجي.

هن صورتحال جو سڀ کان حيرت جوڳو پهلو اهو آهي ته اغواڪارن کي قانون جو ڪو خوف ناهي. جڏهن ڏوهاري اهو سمجهن ته سندن خلاف مؤثر ڪارروائي نه ٿيندي ته پوءِ ڏوهه وڌندا ئي آهن. سنڌ ۾ به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال نظر اچي رهي آهي. قانون جي رٽ ڪمزور ٿيندي محسوس ٿي رهي آهي ۽ متاثر خاندان پاڻ کي بي يارومددگار محسوس ڪن ٿا.

سوال اهو به آهي ته ڇا حڪومت هن مسئلي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي؟ جيڪڏهن شامل ڪيو آهي ته پوءِ نتيجا ڇو نٿا اچن؟ جيڪڏهن شامل ناهي ته پوءِ اها بي حسي ڪنهن به طرح قابل قبول ناهي سنڌ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اغوا ٿيل هر نياڻي صرف هڪ خاندان جو مسئلو ناهي پر سڄي سماج جو مسئلو آهي. جڏهن هڪ ڇوڪري اغوا ٿئي ٿي ته ان سان گڏ ڪيترن ئي خاندانن جو اعتماد به اغوا ٿي وڃي ٿو. والدين خوف ۾ مبتلا ٿين ٿا، ٻارڙيون غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون ۽ سماج ۾ بي چيني وڌي وڃي ٿي. اهڙي ماحول ۾ امن ۽ استحڪام جون ڳالهيون رڳو نعرا بڻجي وڃن ٿيون.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت صرف بيانن تي اڪتفا نه ڪري پر عملي قدم کڻي. اغوا جي هر واقعي لاءِ خصوصي جاچ ٽيمون قائم ڪيون وڃن. بين الصوبائي رابطا مضبوط ڪيا وڃن ته جيئن جيڪڏهن ڪو مغوي ٻئي صوبي ۾ منتقل ٿئي ته فوري طور تي گڏيل ڪارروائي ٿي سگهي. جديد ٽيڪنالاجي، نگراني جي نظام ۽ ڊيٽا شيئرنگ کي بهتر بڻايو وڃي. انساني اسمگلنگ ۽ اغوا ۾ ملوث گينگن خلاف وڏيون ۽ فيصلائتيون ڪارروايون ڪيون وڃن. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته متاثر خاندانن کي مسلسل معلومات فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي محسوس ٿئي ته حڪومت سندن ساٿ ۾ بيٺل آهي.

ان سان گڏوگڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي جو به غيرجانبدار جائزو وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سطح تي غفلت، لاپرواهي يا ملي ڀڳت موجود آهي ته ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. احتساب کان سواءِ بهتري ممڪن ناهي. عوام کي اهو يقين ڏيارڻ ضروري آهي ته حڪومت صرف دعوائون نه پر نتيجا ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿي.

 

You might also like