ڪراچي ۾ 30 ڪروڙ رپين جي ڦر ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي ڦر واري واردات جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي 30 ڪروڙ رپين جي ڦر ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ ڪيش وين جي ڊرائيور ۽ ٻن سيڪيورٽي گارڊن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ايس ايس پي سينٽرل ڊاڪٽر عمران موجب واردات جو ماسٽر مائينڊ ڪيش وين جو چيف ڪرو واجد نڪتو آهي، جنهن سڄي واردات  جي رٿابندي ڪئي. جاچ موجب واجد ئي ڪيش وين مان رقم ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ منتقل ڪرائي، جڏهن ته ڊبل ڪيبن ۾ سوار چارئي جوابدار مسلسل سندس رابطي ۾ هئا. پوليس موجب 30 ڪروڙ رپين جي ڦر کان پوءِ چيف ڪرو واجد ڪيش وين جا دروازا ٻاهران لاڪ ڪري فرار ٿي ويو. واقعي کان پوءِ واجد ۽ سندس ساٿي شهر مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته ابتدائي جاچ دوران ڊرائيور ۽ ٻن گارڊن جي ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون اچڻ تي کين حراست ۾ ورتو ويو آهي. جاچ ڪندڙ اختيارين موجب جمعي جي صبح طارق روڊ تي قائم هڪ آفيس مان عملي 20 ٿيلهن ۾ رقم کڻي روانو ٿيو هو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيش وين ۾ 30 ڪروڙ رپين جي هي ڦر هلندڙ سال جي سڀ کان وڏي واردات آهي، جڏهن ته ڦر ٿيل رقم اڃا تائين برآمد نه ٿي سگهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.