لاهور(عوامي آواز نيوز)چڪوال ۾ فوت ٿيل نياڻي جي والد عديل احمد جو مبينا آڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڪيس کي “هاءِ پروفائل” قرار ڏنو ويو آهي.آڊيو بيان ۾ بچي جي والد چيو آهي ته هو حج جي ادائيگي کان پوءِ پنهنجي ڪٽنب سميت پاڪستان آيا هئا ۽ 10 جون جي صبح وقت کين ڦورو ڦري رهيا هئا ۽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو.ياد رهي ته چڪوال ۾ 10 جون تي سي سي ڊي اهلڪارن جي فائرنگ دوران هڪ معصوم نياڻي فوت ٿي وئي هئي. واقعي کان پوءِ پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب ان جو نوٽس وٺندي ڪيس کي هاءِ پروفائل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. والد جو بيان اسپيشل جاچ ٽيم پاران بينظير ڀٽو اسپتال ۾ قلمبند ڪيو ويو، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ اهلڪار جي ٿاڻي سي سي ڊي ۾ حاضري جو رڪارڊ به چيڪ ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، پوليس اهلڪار کان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل سرڪاري هٿيار پڻ برآمد ڪيو ويو آهي، ۽ ان کي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.عدالت 26 جون تي ڪيس جو چالان طلب ڪيو آهي،
آسٽريلوي وزيراعظم پاران پاڪستان کان چڪوال سانحي جي شفاف جاچ جو مطالبو
سڊني(عوامي آواز نيوز)آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز پاڪستان ۾ موڪلن دوران 9 ورهين جي آسٽريلوي نياڻي هانيا احمد جي موت واري واقعي تي مڪمل ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.برطانوي نشرياتي اداري موجب ڪينبرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته واقعي جي سمورن حالتن جو تفصيلي ۽ شفاف جائزو ورتو وڃي ته جيئن متاثر خاندان سميت سڀني کي حقيقتن بابت آگاهي ملي سگهي.انتھوني البانيز چيو ته آسٽريليا اميد رکي ٿو ته هن معاملي جي مناسب، آزاد ۽ شفاف تحقيق ڪئي ويندي.ٻئي طرف آسٽريليا حڪومت متاثر خاندان کي قونصلر مدد پڻ فراهم ڪري رهي آهي.