پ پ سان شيئر ڪيل ۽ پيش ڪيل بجيٽ ۾ فرق!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ذريعن موجب حڪومت پاران پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) سان شيئر ڪيل بجيٽ ۽ پيش ڪيل بجيٽ ۾ فرق آهي.ذريعن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو کي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر پاران بجيٽ بابت بريفنگ ڏني وئي.ذريعن مطابق بريفنگ ۾ بلاول ڀٽو زرداري  کي آگاهه ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي سان جيڪو بجيٽ شيئر ڪيو ويو هو ۽ جيڪو بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي، انهن ٻنهي ۾ فرق موجود آهي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ بابت صورتحال واضح ٿيڻ تائين پنهنجو بجيٽ خطاب ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي ٽيم جلد حڪومت سان رابطو ڪري بجيٽ بابت وضاحت طلب ڪندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.