اسلام آباد(بيورو)پ پ ايم اين اي نبيل گبول قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته سڀ موٽروي رستا پنجاب ۽ ٻين صوبن لاءِ آهن، پر سنڌ لاءِ ڇو ناهن؟ بنيظير انڪم سپورٽ پروگرام اسان جي ريڊ لائن آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي چيو ته اسان اهو پروگرام ختم يا گهٽ نه ٿيڻ ڏينداسين، ۽ مان پنهنجي ناڻي واري وزير ۽ وزيراعظم جو شڪرگذار آهيان ته هنن اها ڳالهه مڃي.هن چيو ته هن پروگرام جي ذريعي ڪيترن ئي گهرن ۾ چلهه ٻري ٿي ۽ ڪيترين بيواهه عورتن کي مدد ملي ٿي، جيڪي ٻاهر ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ٿيون ٿين. اسان سٺين ڳالهين کي ساراهيون ٿا، ڇو ته سٺو ڪم ڪرڻ گهرجي.نبيـل گبول چيو ته پنجاب ۾ ته دانش اسڪول ٺاهيا ويا، پر سنڌ ۾ اهڙا اسڪول نه ٺاهيا ويا آهن.هن چيو ته 25 ٽريلين رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن مان 8 ٽريلين رپيا رڳو وياج ۾ هليا وڃن ٿا. اسان جي مجبوري آهي ته اسان کي قرض وٺڻو پوي ٿو، ۽ پوءِ اهو وياج به ادا ڪرڻو پوي ٿو.هن چيو ته جڏهن ايترو وڏو پئسو وياج ۾ هلي وڃي ٿو ته پوءِ حڪومت غريبن تي ئي وڌيڪ بار وجهي ٿي ۽ انهن کان پئسو ڪڍي ٿي.نبيـل گبول چيو ته ناڻي وارو وزير اڳ ۾ بئنڪنگ شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي، تنهنڪري کيس چوندس ته ڪڏهن غريب علائقن جهڙوڪ لياري ۽ لالو کيت اچي ڏسي ته ماڻهو ڪيئن زندگي گذارين ٿا.هن سوال ڪيو ته وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ ڪراچي لاءِ ڪيترو فنڊ رکيو ويو آهي؟ ڪراچي ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ريونيو ڏئي ٿو، پر ان جي ترقي لاءِ ڪيترا پئسا رکيا ويا آهن، اهو واضح ناهي.هن چيو ته شايد هن کان نظر نه آيو هجي، پر هو سوال ڪري رهيو آهي ته ڪراچي ۾ نوان روڊ يا پل ٺهي رهيا آهن يا نه؟هن چيو ته روهڙي کان حيدرآباد موٽروي جو ڪم به اڳتي وڌائڻ بدران هڪ سال وڌيڪ دير ڪيو ويو آهي.