لاهور/ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ۽ معاهدي کي ايران جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته هن اڳڀرائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا جي وڏي کان وڏي طاقت به ڪنهن قوم جي ثابت قدمي ۽ مزاحمت آڏو پنهنجا ارادا مڙهي نٿي سگهي.هن چيو ته پاڪستان کي به هن صورتحال مان سبق سکڻ گهرجي. حڪومت پاڪستان ثالثي جي عمل ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، پر ملڪ اندر قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي کانسواءِ ڪنهن به موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل نٿو ڪري سگهجي.حڪومت کي عوامي بيچيني جا سبب ختم ڪرڻ، عوام جي حق حڪمراني کي تسليم ڪرڻ ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته پاڪستان کي ايران سان آزاداڻي واپار شروع ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين منصوبي تي فوري طور ڪم بحال ڪري ان کي مڪمل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن معاهدي جو طئي ٿيڻ دراصل ايران جي فتح ۽ اسرائيل توڙي آمريڪا جي بدترين شڪست آهي. هن معاهدي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مزاحمت ۾ ئي زندگي آهي، هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايران ـ آمريڪا امن معاهدي کان پوءِ تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ متوقع استحڪام جي پسمنظر ۾ پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري مهانگائي کان متاثر عوام کي فوري رليف فراهم ڪيو وڃي