ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي هن وقت پئسن جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان ڪري سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو مالي وسيلن کي ڏسي ڪيو ويندو ته اسان ڪيتري واڌ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه پنهنجي حڪومت جي 6 مهينن جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته مالي ڏکيائين باوجود صوبائي حڪومت 6 وڏا ميگا پروجيڪٽ مڪمل ڪيا آهن، جيڪي عالمي مالياتي ادارن جي سهڪار سان ممڪن ٿيا. هن وفاقي حڪومت جي گذريل وعدن تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ صاحب 1100 ارب رپين جو وعدو ڪيو هو پر عملي طور هڪ رپيو به نه ڏنو، جڏهن ته هن ڀيري وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جي اهم منصوبن لاءِ 64 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير اعلان ڪيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي جو اڏاوتي ڪم ايندڙ سال جنوري ۾ شروع ٿيندو، جيڪو ساڍن ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن پاڻي جي کوٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جي 41 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن تي وفاق کي احتجاجي خط لکيو ويو آهي. اپوزيشن جماعت ايم ڪيو ايم تي ٺٺول ڪندي هن چيو ته سندن اندروني اختلافن سان ڪراچي جي شهرين تي ڪو اثر نه پوندو. مڪاني چونڊن بابت هن چيو ته جيڪڏهن کين مقبوليت جو دعويٰ هئي ته چونڊن ۾ حصو وٺن ها. وڏ وزارت تان هٽائڻ وارن جي افواهن بابت هن کلندي چيو ته اهڙيون ڳالهيون گذريل 10 سالن کان ٿي رهيون آهن، پر اسان جو سمورو ڌيان پنهنجي ڪم تي آهي.