لاهور(بيورو رپورٽ) مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ محرم جو چنڊ نظر نه آيو آهي. چيئرمين عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ لاهور ۾ مرڪزي رويت چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عالمن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.چيئرمين چنڊ ڏسڻي ڪميٽي عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي ڪنهن به هنڌ کان محرم جو چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي نه ملي آهي، تنهن ڪري محرم جو پهريون ڏينهن اربع 17 جون تي ٿيندو. هن چيو ته يوم عاشور جمعو 26 جون تي ٿيندو.