پنڪي خلاف منشيات ڪيس جو عبوري چالان پيش

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل م.جسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ انمول عرف پنڪي ۽ ٻين خلاف منشيات جي وصولي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي جاچ آفيسر عدالت ۾ عبوري چالان داخل ڪيو.عبوري چالان موجب ڪيس ۾ 3 عورتن سميت 5 جوابدارن کي روپوش  قرار ڏنو ويو ۽ عبوري چالان ۾ 16 شاهدن جا نالا به شامل آهن.عبوري چالان ۾ چيو ويو آهي ته  جوابدار 16 سالن کان منشيات جي تياري ۾  ملوث آهي. جوابدار پنهنجي اڳوڻي مڙس کان ڪوڪين ٺاهڻ سکيو ۽ طلاق کان پوءِ پنهنجو ڪم شروع ڪيو.چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار ڪراچي جي پوش علائقن ۾ ڪوڪين وڪرو ڪري ٿي، هوءَ ڪراچي ۽ لاهور ۾ جڳهيون تبديل ڪندي  هئي، ٻئي پاسي مقامي عدالت ۾ ڪوڪين ڪوئن انمول عرف پنڪي ۽ ٻين خلاف منشيات جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .سهولتڪار ذيشان الرحمان ۽ سهيل الرحمان جي ڪال ڊيٽا رڪارڊ گهرائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي .جوابدارن جي وڪيل چيو ته جوابدارانمول عرف پنڪي جي ڏوهه ۾ ملوث ناهن، ٻنهي ڀائرن کي زبردستي ڦاسايو ويو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.