وڏي وزير ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ جي ذخيرو اندوزي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي کين ڪڻڪ جي اسٽاڪ جي نگراني کي مضبوط ڪرڻ، ذخيرو ڪرڻ جي طريقن کي منظم ڪرڻ، ۽ مقامي ڪڻڪ خريد ڪري مارڪيٽ جي قيمتن  کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ خوراڪ ۽ زراعت کاتي جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير 26-2025 جي فصل لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو صارفين کي هٿرادو کوٽ ۽ قيمتن ۾ ڦيرڦار کان بچائڻ لاءِ مارڪيٽ جي استحڪام کي يقيني بڻائي. اجلاس ۾ ايڪسائيز وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا، خوراڪ وارو وزير مخدوم محبوب الزمان، ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.