حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پاڻي موجود هئڻ باوجود ارسا سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زراعت کي نقصان پهچايو آهي، ارسا ۽ وفاقي سرڪار طرفان سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ سبب سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي اڳواڻن چيو ته اهو سوال انتهائي اهم آهي ته جڏهن پاڻي جي کوٽ جا آثار ڪيترائي ئي مهينا اڳ کان ظاهر هئا ته ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو، سنڌ حڪومت، آبپاشي کاتو، آبپاشي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيو لاڳاپيل عملو ڇا ڪري رهيو هو؟ سنڌ جو ڪيس بهتر نموني ڇو نه وڙهيو ويو؟ صدارتي هائوس، جيڪو ماضي ۾ چولستان ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پاڻي جي معاملن ۾ سنڌ خلاف فيصلا ڪندو رهيو آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري هئي ته هوءَ پاڻي جي موجودگي، کوٽ ۽ وهڪرن بابت عوام کي روزاني بنيادن تي آگاهه ڪري ها