اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جو سبب عمران خان جي گرفتاري آهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي، جيئن هو سياسي ميدان ۾ اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان اڄ به چوان ٿو ته عمران خان کي ٻاهر اچڻ ڏيو. جيڪڏهن سياست ۾ سندس گرفتاري سبب ايتري تلخي ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي ته ملڪ جي بهتري ۽ امن خاطر هڪ شخص جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه هجڻ گهرجي. هو ٻاهر اچي ۽ سياست ڪري،هن چيو ته ماڻهو کيس چون ٿا ته هو هميشه عمران خان جا مخالف رهيا آهن، پر سندس اصول اهو آهي ته جڏهن مخالف جيل ۾ هٿ پير ٻڌل هجي ته پوءِ سندس خلاف ڳالهائڻ مناسب ناهي. مون واضح ڪيو آهي ته اڄ هو جيل ۾ آهي، جڏهن ٻاهر ايندو ۽ سندس هٿ کليل هوندا، تڏهن اسان ساڻس سياسي مقابلو به ڪنداسين. مولانا فضل الرحمان رياستي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته ڇا اسين فوجي وردي ان لاءِ پائيندا آهيون ته جڏهن اصل جنگ جو وقت اچي ته مان بارڊر تي وڃي جنگ وڙهان؟ ملڪ جي اندر اهڙي سخت رياست قائم ڪئي وئي آهي، جتي ڪو معمولي ماڻهو به ڪنڌ کڻي ته کيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.،هن دهشتگردي خلاف عوامي لشڪر ٺاهڻ جي تجويزن تي به خدشا ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن سندس پشتون يا بلوچ ڀائر دهشتگردن سان وڙهندا ته اهي خوني دشمنيُون نسلن تائين جاري رهنديون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻي آهي ته پوءِ باقاعده اعلان ڪيو وڃي ته هر پاڪستاني شهري کي فوجي تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ ماڻهن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ پستول رکڻ جي به اجازت ناهي.مولانا فضل الرحمان آزاد ڪشمير جي تازي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته پاڪستان اڄ ڪٿي بيٺو آهي؟ جتي ماضي ۾ هر ڪشميري جو دل پاڪستان سان ڌڙڪندو هو، اتي اڄ باغي تقريرون ٿي رهيون آهن ڪشميرين جي مطالبن مان ڪو هڪ به اهڙو نڪتو ٻڌايو وڃي، جنهن تي ويهي ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي.هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن اڳواڻن جون تقريرون مڪمل طور تي بليڪ آئوٽ ڪيون پيون وڃن.،هن چيو ته هو پنهنجي سخت مخالف جماعت پاڪستان تحريڪِ انصاف سان ڪافي حد تائين سياسي فاصلا گهٽائي چڪو آهي، ۽ جيڪڏهن حڪومت ان خدشي سبب اِن ڪيمرا اجلاس نٿي سڏي ته پي ٽي آءِ احتجاج ڪندي، ته هو ان بابت ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهي،هن چيو ته شهباز شريف ڪنهن زماني ۾ اسان سان گڏ ڪنٽينر تي هوندو هو ۽ چوندو هو ته جيڪڏهن ڇهن مهينن ۾ معيشت ٺيڪ نه ڪريان ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي،سندس چوڻ هو ته ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته بنيادي سڌارا آندا وڃن، پر ان جي ابتڙ قرضن ۾ واڌ ٿي وئي،اڄ هر پاڪستاني تقريباً 3 لک 25 هزار رپين جو قرضي بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ غربت جي شرح 25 کان 29 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. معمولي پگهار تي گذارو ڪندڙ غريب ماڻهوءَ کان پڇو ته هو زندگي ڪيئن گذاري رهيو آهي.”مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪجهه حلقن ۾ 28هين آئيني ترميم جو ذڪر ٿي رهيو آهي ۽ 18هين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.،اڄ صوبن جا حق حڪومت لاءِ ڳچيءَ جي هڏي بڻجي ويا آهن، ۽ مان خاص طور تي پيپلز پارٽيءَ جو ڌيان هن معاملي ڏانهن ڇڪائڻ چاهيان ٿو،صوبن جا حق ختم ڪرڻ جي ڳالهه خطرناڪ آهي. 1973 جو آئين مختلف اڳواڻن جي گڏيل ڪوششن سان ٺهيو هو، جنهن ۾ سڀني صوبن حصو ورتوهن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبائي حقن تي اڳي به اتفاق ٿيو هو، پر هاڻي اهي حق مسئلو بڻجي ويا آهن. جيڪڏهن صوبن کي حق نه ملندا ته ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو.هن چيو ته حڪومت کي اپوزيشن سان ڳالهه ٻولهه وڌائڻ گهرجي ۽ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي. سياسي عمل ۾ لچڪ ۽ برداشت ضروري آهي.هن چيو ته تشدد ۽ سختي سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، مسئلن جو حل صرف ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي هم آهنگي ۾ آهي۔مولانا فضل الرحمان چيو ته 18هين آئيني ترميم ۽ صوبن جي حقن بابت جيڪي فيصلا ڪيا ويا هئا، اهي پاڪستان جي آئين کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي اختيار ڏيڻ لاءِ ڪيا ويا هئا.هن چيو ته 1973 جو آئين سڀني سياسي اڳواڻن جي گڏيل ڪوششن سان ٺهيو، جنهن کي ملڪ جي سڀني صوبن قبول ڪيو هو. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت طئي ٿيو هو ته صوبن جو حصو وڌائي سگهجي ٿو، پر گهٽ نه ڪيو ويندو. پر هاڻي صورتحال اها آهي ته صوبن جا حق مسئلو بڻايا پيا وڃن، جڏهن ته اهي حق ختم ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ملڪ لاءِ خطرناڪ آهن.هن چيو ته جيڪڏهن صوبن کي انهن جا آئيني حق نه ڏنا ويا ته ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو، ۽ آئين کي راند نه بڻائڻ گهرجي.مولانا فضل الرحمان 27هين ۽ 28هين ترميم جي حوالن بابت چيو ته اهڙيون ڳالهيون ۽ افواهه هلن پيا ته اڳوڻن آئيني فيصلن کي واپس ورتو پيو وڃي، پر جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته اهو پارليامينٽ جي فيصلن ۽ آئين سان غداري هوندي. سڀني ادارن کي پنهنجون آئيني حدون ياد رهن۔