اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سپر ٽيڪس جي مڪمل خاتمي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي پاليسي بلڪل واضح آهي ۽ مقصد سپر ٽيڪس کي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان هر سال سپر ٽيڪس جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪوششون جاري رکنداسين،اجلاس دوران ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر عبدالقادر تجويز پيش ڪئي ته پر ٽيڪس کان استثنا جي حد 50 ڪروڙ رپين بدران وڌائي هڪ ارب رپيا ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايف بي آر جي چيئرمين ٻڌايو ته جيڪڏهن اها حد هڪ ارب رپيا ڪئي وئي ته پوءِ حڪومت کي آمدني ۾ گهٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ 250 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم کڻڻا پوندا.