اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته نه حڪومت ۽ نه ئي اپوزيشن واضح طور ٻڌائي سگهي ٿي ته موجوده بجيٽ ڪهڙي نوعيت جي آهي، ڇو ته بجيٽ بابت حقيقي راءِ عام عوام ئي ڏئي سگهي ٿي.سينيٽ ۾ بجيٽ اجلاس دوران خطاب ڪندي فيصل جاويد چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پر پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت تقريباً 400 رپيا في ليٽر جي ويجهو پهچي چڪي آهي.هن سوال اٿاريندي چيو:اهي منصوبا ڪٿي آهن، جيڪي اسان پاڪستان کي ڏئي ويا هئاسين؟هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت کي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ معاشي پاليسين جا اثر سڌو سنئون عام ماڻهن جي زندگيءَ تي پئجي رهيا آهن.فيصل جاويد خان پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان جا ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ قيد آهن، انهن کي آزاد ڪيو وڃي