اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صدر سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ مسلم ليگ ن اسان جي پٺي ۾ ڇرو هنيو، مسلم ليگ ن جي حڪومت مفلوج آهي. سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ايمل ولي چيو ته هي بجيٽ پاڪستان تيار ڪئي آهي يا يا آءِ ايم ايف؟ مسلم ليگ ن جي ماڻهن کي به بجيٽ واري ڏينهن خبر پئي ته بجيٽ ڇا آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پاران تيار ڪيل بجيٽ اچي وئي آهي، توهان ان کي بلڪل به تبديل نٿا ڪري سگهو، اسان ڪڏهن به مسلم ليگ ن ۾ محسن نقوي يا محمد اورنگزيب کي نه ڏٺو آهي. ايمل ولي الزام لڳايو ته پي ڊي ايم ۾ مسلم ليگ ن اسان جي پٺي ۾ ڇرو هنيو، مسلم ليگ ن جي حڪومت مفلوج آهي، جيڪو ٿي رهيو آهي اهو نواز شريف جي سوچ ۽ نظريي جو ناهي.