تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا سان امن معاهدي کانپوءِ ايران پنهنجو باضابطا موقف ظاهري ڪري ڇڏيو آهي.
تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته هن معاهدي جو مقصد ڪنهن به قسم جي ڏوهن کي معاف ڪرڻ يا وسارڻ نه آهي.
اسماعيل بقائي چيو ته ايراني قوم پنهنجي قيادت کان محروم ٿي، پر اسان آمريڪا ۽ اسرائيل جي ظلمن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. اسان وڏيون قربانيون ڏئي پنهنجي وطن جو دفاع ڪيو آهي ۽ ايراني عوام پنهنجي فوج جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.
هن چيو ته عالمي برادري اسرائيل ۽ آمريڪا جي ظلمن جي مذمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
ترجمان واضح ڪيو ته لبنان سميت سمورن محاذن تي جنگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ آبناءِ هرمز جا سمورا معاملا ايران ئي سنڀاليندو.
هن تصديق ڪئي ته آمريڪا سان معاهدي تي جمعي ڏينهن جنيوا ۾ صحيحون ڪيون وينديون، جنهن کان اڳ ايراني اختياريون پاڙيسري ملڪن جا دورا ڪنديون.
اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا کي ايراني عوام جو ڀروسو حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا تمام ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو، جڏهن ته سڀني ڏکيائين باوجود ايران هاڻي اڳي کان وڌيڪ طاقتور ٿي اڀريو آهي.