ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي انتظامن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار، ناصر حسين شاهه، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ اهل تشيع جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته محرم الحرام ۾ امن امان، سيڪيورٽي ۽ عزادارن جي سهولت سندس پهرين ترجيح آهي.
هن هدايت ڪئي ته مجلسن ۽ جلوسن لاءِ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا وڃن ۽ انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي محرم الحرام دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ان کانسواءِ هن چيو ته سمورن مڪاني ادارا جلوسن جي رستن جي صفائي يقيني بڻائن ۽ محرم الحرام دوران ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ مڪمل پلان جوڙيو وڃي.