اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) مشهور ڳائڻي، اداڪار ۽ موسيقار علي ظفر ڪينيڊا ۾ هڪ تاريخي ڪنسرٽ دوران نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ڪينيڊا جي شهر مسساگا جي مشهور هنڌسيليبريشن اسڪوائر تي ٿيل اوپن ايئر ڪنسرٽ ۾ لڳ ڀڳ 45 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن کي منتظمين هن هنڌ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو موسيقي ميڙ قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب منتظمين موجب تماشائين جي وڏي انگ سبب ماڻهن جو امبوهه رڳو سيليبريشن اسڪوائر تائين محدود نه رهيو، پر ڀرپاسي جي رستن ۽ ويجهي سينٽر تائين پکڙجي ويو. هي ڪنسرٽ علي ظفر جي ”روشني ٽوئر 2026“ جي اتر آمريڪي مرحلي جو آخري شو هو، جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ ڏکڻ ايشيائي برادري سان واسطو رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻارن، نوجوانن، خاندانن ۽ پوڙهن تي مشتمل ميڙ سڄي ڪنسرٽ دوران ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو.
ڪنسرٽ جو سڀ کان يادگار لمحو تڏهن آيو جڏهن علي ظفر پنهنجو مشهور گيت ”جهوم“ پيش ڪيو ۽ هزارين مداحن پنهنجن موبائل فونن جون بتيون روشن ڪري ڇڏيون، جنهن سان سڄو هنڌ روشنين جي سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويو. بعد ۾ علي ظفر اسٽيج تان هيٺ لهي مداحن جي وچ ۾ به ويو، جنهن تي شرڪت ڪندڙن زبردست جوش جو اظهار ڪيو.
علي ظفر چيو ته اسين سڀ هڪ ئي انسانيت جو حصو آهيون، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهون، پنهنجي پاڙن ۽ ثقافت تي فخر ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته هڪ ٻئي جي چونڊ ۽ آزاديءَ جو احترام ئي اسان کي پاڻ ۾ جوڙي رکي ٿو.
هن عورتن جي پنهنجي فيصلن جو حق، ٻارن جي خوابن جي همٿ افزائي ۽ خاندانن ۾ بهتر رابطن ۽ سمجهه جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ڪنسرٽ جي پڄاڻي تي هزارين مداح علي ظفر سان گڏ ڳائيندا رهيا، جڏهن ته منتظمين سميت ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن هن شام کي مسيساگا جي ثقافتي تاريخ جي يادگار ترين پروگرامن مان هڪ قرار ڏنو.