پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ خيبر پختونخوا پوليس سڪيورٽي پلان مڪمل ڪري ورتو، ان حوالي سان 9 ۽ 10 محرم تي صوبي جي ڪجهه حساس علائقن ۾ جزوي طور موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي کي خط موڪليو ويو آهي.
پوليس رپورٽ موجب، صوبي جا 8 ضلعا، جن ۾ پشاور، ڪوهاٽ، هنگو، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، بنون، لڪي مروت ۽ ڪرم شامل آهن، انتهائي حساس قرار ڏنا ويا آهن، ان کانسواءِ وڌيڪ 6 ضلعن کي به حساس ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.
سڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ لاءِ 14 ضلعن ۾ 43 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته انهن جي مدد لاءِ ايف سي جا دستا موجود هوندا ۽ هنگامي صورتحال ۾ پاڪ فوج جي مدد به حاصل هوندي.
جلوسن ۽ مجلسن جي حفاظت لاءِ هيلي ڪاپٽرن ۽ ڊرونز ذريعي فضائي نگراني ڪئي ويندي.
ان سان گڏوگڏ حساس ضلعن ۾ جديد اينٽي ڊرون سسٽم به فعال ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به غير مجاز فضائي سرگرمي کي روڪي سگهجي.
آر پي اوز ۽ ڊي پي اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ماتمي ڪميٽين ۽ علمائي ڪرام سان گڏجي ظابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.