کيرو اونهاري جي موسم ۾ پسند ڪئي ويندڙ، غذائيت سان ڀرپور ۽ پاڻي جي وڏي مقدار رکندڙ سبزي آهي، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو هر ماڻهو لاءِ هڪجهڙو فائديمند ناهي ۽ ڪجهه ماڻهن ۾ صحت جا مسئلا به پيدا ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب غذائيت جي ماهرن موجب کيري ۾ موجود ٿوري مقدار وارو فائبر ۽ قدرتي جزا حساس ماڻهن ۾ پيٽ ڦوڪجڻ، گيس، معدي ۾ سور، بد هضمي ۽ هاضمي سان لاڳاپيل ٻين مسئلن جو سبب بڻجي سگهن ٿا، خاص طور تي جڏهن اهو وڌيڪ مقدار ۾ يا کل سميت کاڌو وڃي.
رپورٽ موجب ماهرن خبردار ڪيو آهي ته گهڻو ڪوڙو ذائقو رکندڙ کيرن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪجهه قدرتي مرڪبن جي مقدار وڌيڪ هوندي آهي، جيڪي اورٽ، الٽي، پيٽ جي سور ۽ دستن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪچو کيرو چڱيءَ طرح نه ڌوئجي يا صحيح نموني محفوظ نه رکيو وڃي ته ان تي موجود نقصانڪار جراثيم فوڊ پوائزننگ جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ دست، بخار، الٽي، اورٽ ۽ معدي ۾ شديد سور جهڙيون علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
جيتوڻيڪ اهو مسئلو گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر ڪجهه ماڻهن کي کيري سان الرجي به ٿي سگهي ٿي. ان جون علامتون وات يا ڳلي ۾ خارش، چپن يا زبان جي سوڄ، ڳلي ۾ ساڙ، چمڙي تي داڻا ۽ هاضمي جي خرابي شامل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته شديد علامتن جي صورت ۾ فوري طبي مدد حاصل ڪرڻ گهرجي.
کيري ۾ پاڻي جي مقدار وڌيڪ هئڻ سبب ان ۾ پيشاب وڌائڻ واريون خاصيتون به موجود هونديون آهن، تنهنڪري ان جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال بار بار پيشاب اچڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جن ماڻهن کي ڪا بيماري هجي ، اهي ڊاڪٽر جي صلاح مطابق کيرو استعمال ڪن.
رپورٽ موجب غذائي ماهرن محفوظ استعمال لاءِ صلاح ڏني آهي ته کيرن کي چڱيءَ طرح ڌوئي کائجي، صاف ۽ ٿڌي جاءِ تي محفوظ رکجي، گهڻا ڪوڙا کيرا استعمال نه ڪجن، معتدل مقدار ۾ کائجن ۽ حساس معدي وارا ماڻهو کين کل لاهي استعمال ڪن.
ماهرن موجب اڪثر ماڻهن لاءِ کيرو محفوظ، صحت بخش ۽ جسم کي پاڻي فراهم ڪندڙ غذا آهي، پر ڪجهه ماڻهن ۾ اهو پيٽ ڦوڪجڻ يا ٻين هاضمي جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، تنهنڪري احتياط ضروري آهي.
نوٽ: هي هڪ معلوماتي مضمون آهي، ڪنهن به بيماري جي تشخيص يا علاج لاءِ پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور صلاح ڪريو.