اڄڪلهه تقريباً سڀني اسمارٽ فونن ۾ ليتھيم آئيون بيٽريون استعمال ٿين ٿيون، پر ان باوجود بيٽري بابت ڪيترائي غلط خيال عام آهن. انهن مان هڪ اهو به آهي ته چارجنگ دوران فون استعمال ڪرڻ سان بيٽري کي نقصان پهچي ٿو.
ماهرن موجب چارجنگ دوران فون استعمال ڪرڻ لازمي طور نقصانڪار ناهي. پر ان سان چارجنگ جي رفتار ڪجهه سست ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته فون هڪ ئي وقت چارج به ٿي رهيو هوندو آهي ۽ توانائي استعمال به ڪري رهيو هوندو آهي. جيڪڏهن ڊوائيس غيرمعمولي طور گرم نه ٿئي ته بيٽري جي عمر تي ڪو خاص منفي اثر نٿو پوي.
چارجنگ دوران هلڪا ڪم، جهڙوڪ اي ميل يا ميسيج چيڪ ڪرڻ، موسيقي ٻڌڻ، نوٽس لکڻ، سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ يا انٽرنيٽ براؤز ڪرڻ، عام طور بيٽري لاءِ مسئلو ناهن. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن ڪمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي فون تي وڌيڪ لوڊ وجهن.
مثال طور موبائل گيمز کيڏڻ، 4K وڊيو اسٽريمنگ ڪرڻ يا وڊيو رڪارڊ ڪرڻ دوران فون وڌيڪ گرمي پيدا ڪري ٿو. وڌيڪ گرمي بيٽري جي ڪارڪردگي ۽ عمر کي متاثر ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها بيٽري جي اندروني بناوٽ کي نقصان پهچائي ٿي ۽ ان جي گنجائش آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي ٿي.
تنهن ڪري چارجنگ دوران فون استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر بهتر بيٽري لائف لاءِ ڳرا ۽ وڌيڪ توانائي استعمال ڪندڙ ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي