حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، 28هين ترميم ۽ عورتن جي قتل عام خلاف 16 جون کان 6 جولائي تائين سموري سنڌ ۾ احتجاجي ريليون، ڌرڻا، بک هڙتالون، مارچ ۽ مظاهرا ڪيا ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ارسا يا ڪنهن به اداري کي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جو ڪو به اختيار ناهي، جيتوڻيڪ 1991ع جو ٺاهه سنڌ مٿان زوري زبردستي مڙهيل آهي، پنجاب جي فائدي وارو ۽ هڪ طرفو آهي پر پنجاب سرڪار ان ٺاهه تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. 1991ع جي ٺاهه موجب ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هر صورت ۾ ڇوڙ ڪرڻو آهي.
پر ڪوٽڙي بيراج ۾ 11 جون تائين جي ارسا جي ڊيٽا مطابق ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڇوڙ ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته بلديا فيڪٽري ۾ سوين مزدورن کي جيئرو ساڙيندڙ دهشتگردن کي آزاد ڪري مزدورن جي خون جو سودو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو پيو وڃي. ذميوار سنڌ سرڪار آهي. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار، عبدالستار رند، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، عبدالقادررانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.