ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بلديه ٽائون سانحي واري ڪيس جو فيصلو سندس نظريي جي سوڀ آهي. هن چيو ته سانحي کان ٽئي سالن پوءِ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي ڪارڪنن تي الزام مڙهيا ويا، پر هو پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو ته هڪ ڏينهن سچ سڀني جي سامهون اچي ويندو. سندس چوڻ هو ته هنن جڏهن محسوس ڪيو ته الطاف حسين سندن قوم لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندو ته هنن بغاوت ڪئي، پر غداري نه ڪئي ۽ اڄ جيڪا تنظيم موجود آهي، اها ئي حقيقي ايم ڪيو ايم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا تي هلي ٿو ته پنڪي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ايم اين اي جو نالو به سامهون آيو آهي، جنهن خلاف پارٽي ڪارروائي ڪئي آهي. مصطفى ڪمال جو چوڻ هو ته جيڪڏهن قوم ڏکيائين ۾ هجي ۽ قيادت ڪجهه نه ڪري سگهي ته عهدن جي ڪا اهميت نه ٿي رهي. هن پارٽي قيادت تي به تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڳواٽ اندازو هجي ها ته قيادت اهڙي هوندي ته هو گڏجي نه ويهون هان. صطفيٰ ڪمال چيو ته توهان کي پارٽي سربراهه ان لاءِ نه بڻايو ويو ته جن کان حق وٺڻو هجي ته اوهان ان کان عهدي جي واڌ ڪرائيندا رهو، جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته چيئرمين اهو ڪندو، ته اسان پارٽي بند ڪري ڇڏي ڏيون ها، ڪڏهن به گڏ نه ويهون ها. هڪ اڳواڻ جنهن ۾ ڪردار نه هجي اهو قوم جي ڪاز سان وڙهي نٿو سگهي.