جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ناري مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس کي قتل جو شڪ جاچ جاري، ڳوٺ ڪرم خان ۾ 18 ورهين جي ناري رخسانه ڌيءَ پير بخش پنهور جو گهران گولي لڳل لاش هٿ آيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو اسپتال ۾ موجود ناري جي چاچي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪير به نه هو گهر اندر پسٽل پيو هو ڀائيٽيءَ پسٽل کڻي پاڻ کي هڻي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ناري کي لوندڙي ۾ گولي لڳل آهي شڪ آهي ته ناري کي قتل ڪيو ويو ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، ڊاڪٽر جي رپورٽ جو انتظار آهي جڏهن ته واقعي جو مختلف رخن کان جاچ ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ناري جو قتل ثابت ٿيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.