گهوٽڪي ڀرسان ڦر مزاحمت تي پورهيت نينگر قتل

گهوٽڪي/ سرحد(رپورٽ: عرفان علي سومرو/ عبدالحميد ابڙو)گهوٽڪي ڀرسان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند گوليون هڻي 12 سالن جي نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو، گهوٽڪي ڀرسان سرحد ٿاڻي جي حد  ڳوٺ هاسيجا مهر وٽ نيشنل هاءِ وي تي افسوس  ناڪ واقعو 12سال جي نينگر ڪامران ميمڻ پٽ جمعو خان ميمڻ کان ڦورن پاران موٽرسائيڪل ۽ موبائيل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي نينگر کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا جنهن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪرايو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي بعد وارثن پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مقتول جي وارثن فورن جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.