ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته بلديا فيڪٽري سانحي، حڪيم محمد سعيد، امجد صابري جي قتل، جناح پور ۽ هٿيارن جي برآمدگي تائين ايم ڪيو ايم تي لڳايل ڪو به الزام عدالتن ۾ ثابت ناهي ٿي سگهيو، الزام هڻندڙن کي بعد ۾ معافي گهرڻي پئي، ڪراچي ۾ جيڪا به ترقي نظر اچي ٿي، ان ۾ ايم ڪيو ايم جو اهم ڪردار رهيو آهي، دي ڊائلاگ ڪراچي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جا وڏا محمد علي جناح جي پاڪستان ۾ آيا هئا، پر کين ”ڀٽو جي پاڪستان“ ۾ ڌڪيو ويو، خالد مقبول صديقي نالو وٺڻ کان سواءِ پنهنجي پارٽي جي اڳوڻي ساٿي تي به تنقيد ڪئي، حيدرآباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪارڪنن سازشي ماڻهن کي ٿڪائي ڇڏيو آهي، جيڪو ڪم اسان پهريان نه ڪري سگهياسين جبر جي دور ۾ ڪري رهيا آهن، جبر کي خبر ناهي ته اسان استعمال نه پيا ٿيون توهان استعمال ٿي رهيا آهيو، ڪارڪنن سازش ڪندڙن کي ٿڪائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پارٽي جي اندر موجود خراب روايتن کي به ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته شهري علائقن تي ٻڌل نئين صوبي جو قيام وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته گذريل 18 سالن دوران ملندڙ هزارين ارب رپين جا وسيلا ڪٿي خرچ ٿيا.