شڪارپور ۾ زميندار آغا فيض الله ڦر مزاحمت تي قتل

شڪارپور(رپورٽ : ذوالفقار مگسي) شڪارپور ۾ ڦر مزاحمت تي شڪارپور ضلعي جو مشھور زميندار آغا فيض الله دراني بي  درديءَ سان قتل،  ھاري زخمي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مشھور زميندار آغا فيض الله خان دراني پنھنجي اباڻي زمين درگاهه حاجن شاهه ماڙي تان ھاري سان گڏ واپس شڪارپور اچي رھيو ھو  ته حاجاڻا لنڪ روڊ شنڪر ڀارتي مندر وٽ ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنھن ۾آغا فيض الله خان دراني ھاري سميت سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت۾ آر بي يو ٽي سول  اسپتال نيو ويو جتي سرجن ۽ سھولت جي کوٽ سبب ضياءُ الدين اسپتال اسکر ريفر ڪيو ويو جتي آپريشن دوران هُن دم ڏئي ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ،آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم آغا فيض پٺاڻ جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو، قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.