ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (نمائندا/پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان پنجين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون، مظاھرا ۽ پنڌ مارچ ،ڪارنر گڏجاڻي ڪري بيداري مھم ھلائي وئي، ان ڏس ۾ ڪراچي رزاق آباد کان نيشنل ھاءِ وي تائين پنڌ مارچ ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي فرحان لاڙڪ، منان شيخ، ڪاشف خاصخيلي، اشفاق چنڙ، فياض اتيرو ۽ ٻين ڪئي، حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي ڳوٺ منٺار شورو ۾ پنڌ مارچ ڪري رھواسين ۾ ھينڊ بل ورھائڻ کانپوءِ لاشاري چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ضلعي نائب معشوق چانڊيو، تعلقي صدر راجا چانڊيو ۽ ٻين ڪئي، احتجاج ۾ مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي پڻ شريڪ ٿيو، کورواھ لڳ ڳوٺ يوسف لاشاري ۾ متحد ۽ مضبوط سنڌ مهم جي حوالي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن گيانچند مهيشوري، يوسف لاشاري، امام علي شاھ، اسماعيل مهيري،سالار لاشاري، يار محمد جمالي، محرم مهيري، ڌڻي بخش خاصخيلي، حاجي لاشاري، اسماعيل لاشاري، ناٿو لاشاري، محمد موسا لاشاري، عبدالحڪيم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شھدادپور ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ضلعي صدر زبير ماڪوڙاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، قاسم لغاري، آتم ڀيل، محمود رخشاڻي، نواب ڏاھري، گلشير باگراڻي ۽ ٻين ڪئي، ٻئي طرف نئون ڪوٽ ۽ گلن واري موري تي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مجيد ٻگھيو ۽ ٻين ڪئي، مٺي جي لوھار پاڙي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي وئي، جنھن ۾وجئي ساگر، پرشوتم ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، ڊگھڙي ڀرسان سنڌي آبادگار تحريڪ جي انور نوحاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي ذاڪر لغاري، بابو نوحاڻي ۽ شوڪت نوحاڻي ٻانڊي شاخ اسٽاپ تي حاجي شير علي نوحاڻي سان ملاقات ڪئي ھيڊ بل وريا ۽ ڪنگورو شاخ اسٽاپ تي ڪارنر ميٽنگ ڪري رھواسين سان سنڌ جي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ اياز لطيف پليجي جو پيغام پهچايو، ھوڏانھن ميھڙ ۾ ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو، حبيب چانڊيو، وڪيل ارشاد احمد گاڏھي، وڪيل جاويد چانڊيو، علي مھيسر، مسعود تيوڻو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، ٻئي طرف نوري آباد ۾ مقصود جهتيال، لکانو پالاري، ذاڪر گرگيز ۽ وحيد نواب پالاري پريس ڪانفرنس ڪندي 21 جون تي نوري آباد ۾ ريلي جو اعلان ڪيو، عمرڪوٽ ۾ ۽ ڀرپاسي ۾ مرڪزي اڳواڻ الفقراءِ رحيم مهر، اعجاز منڱريو ۽ ٻين شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رھواسين کي متحد ۽ مضبوط سنڌ مھم کان آگاھ ڪيو ۽ ھينڊ بل ڏئي اياز لطيف پليجي جو پيغام پھچايو، ڳڙھي ياسين ۾ تعلقي صدر رفيق احمد ڪمبوهه جي اڳواڻي ۾ ڳوٺن جا دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي، ڪرپٽ حڪمران سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن، اقتدار لاءِ سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پر 8 ڪروڙ سنڌي ناپاڪ سازش ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ٿيندا، سنڌ ۽ سنڌين جا مخالف چاهين ٿا ته سنڌ ورهايل ھجي، سنڌين ۾ اتفاق ۽ اتحاد بدران هڪٻئي جي ڳچين ۾ ھٿ ھجن، خونريزي ھجي، جھيڙا ھجن، اڳواڻن چيو ته سنڌين کي ذات جي بنياد تي، برادري، نسل، قبيلي، فرقي ۽ عقيدي جي بنياد تي هڪٻئي سان ويڙھائي، ڪمزور ڪري، سنڌ جو درياهه، پاڻي، قدرتي وسيلا، زمينون، گئس، تيل، ڪوئلو، شھر، ٽيڪسز، بندرگاھ، جبل، معدنيات، ٻيٽ ۽ سنڌ جي هر شئي قبضو ڪئي پئي وڃي، سنڌ دشمن چاھين ٿا ته سنڌ ڀلي ڪرپشن جي گهيري ۾ ھجي، گورننس برباد ھجي، علم، صحت، زراعت، ميرٽ سڀ تباھ ھجن، نوڪريون وڪرو ٿينديون رهن، اڳواڻن سنڌ سان ٿيندڙ سازشن، سنڌ جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ ۽ سنڌي عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف 51 ڏينھن جي مھم شروع ڪئي وئي آھي، سنڌ واسي ھن جدوجھد ۾ شامل ٿين، سنڌ دشمن حڪمرانن جو منصوبو آھي ته آئيني ترميمن، اقتصادي ترقي ۽ انتھا پسندي جي آڙ ۾ سنڌ جي تخت گاھه ڪراچي ، ناڻي ، پاڻي ۽ وسيلن تي قبضو ڪري سنڌين کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيون. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پاڻي زندگي ۽ جياپو آهي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سامونڊي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ۽ مال اڃ وگهي مري رهيو آهي، ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعي جي ساحلي پٽي علائقن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، زير زمين پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهنڪري ماڻهن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ جي ڪري ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ سنڌ جا ڪافي ضلعا سخت متاثر ٿي رهيا آهن، سارين جو ٻيجارو، وونئڻ، ڪيلا، ڪمند، مرچن سميت ٻيا فصل سڙي رهيا آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي،
آبپاشي کاتي کي مال غنيمت ڪري لٽيو ويو آهي، بئراجن جي صفائي، مرمت، بند مضبوط ڪرڻ، واهن ۽ شاخن ۽ سم نالين جي کاٽي جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو، پاڻي سان زرعي معيشت جڙيل آهي.