بهاولپور(پ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو لبنان مان وڊيو لنڪ ذريعي پارٽي جي وائيس چيئرمين موسيٰ سعيد سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا هڪ اهم تاريخي موڙ تي بيٺل آهي.هن چيو ته گذريل چئن ڏهاڪن کان قائم آمريڪي هڪ قطبي عالمي نظام هاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ جي ويجهو آهي، ۽ دنيا هڪ نئين، وڌيڪ متوازن ۽ انصاف تي ٻڌل گهڻ قطبي عالمي نظام(ملٽي پولر ورلڊ آرڊر)طرف وڌي رهي آهي.غنويٰ ڀٽو موجب وچ اوڀر، ايشيا ۽ يوريشيا ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سفارتي تبديليون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هاڻي دنيا ڪنهن هڪ طاقت جي بالادستي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هن چيو ته ايران جي عوام جي ثابت قدمي، چين، روس، اتر ڪوريا ۽ پاڪستان جي حڪمت عملي، ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ وڌندڙ جنگ مخالف تحريڪن عالمي سياست جي رخ کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.هن چيو ته اڄ دنيا ٻيهر هڪ نئين عالمي توازن طرف وڌي رهي آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ماضي جي قربانين کي ياد رکيو وڃي ۽ اهڙو عالمي نظام قائم ڪيو وڃي جيڪو برابري، باهمي احترام، قومي خودمختياري، اقتصادي انصاف ۽ امن تي ٻڌل هجي. هن مطالبو ڪيو ته 19 جون 1953ع کي روزنبرگ جوڙي جي ورسي طور عالمي سطح تي طاقت جي توازن ۽ سامراجي بالادستي خلاف جدوجهد جي ڏينهن طور ملهايو وڃي، ۽ ان موقعي تي سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وڃن ته جيئن نئين نسل کي انهن تاريخي واقعن کان آگاهه ڪيو وڃي.آخر ۾ هن چيو ته پارٽي دنيا جي محروم، مظلوم ۽ امن پسند عوام جي حقن، عالمي انصاف ۽ پائيدار امن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.