حڪومت واپاري تنظيمن جي تجويزن تي عمل نه ڪيو:صنعتڪار

ڪراچي (رپورٽر) فيڊرل بي ايريا ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي صدر شيخ تحسين وفاقي بجيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بجيٽ صنعتڪارن جي مسئلن جو مڪمل حل فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ريفنڊز جي ادائيگين بابت  خاموشي ۽ انرجي ٽيرف تي واضح پاليسي نه هجڻ صنعتي شعبي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جڏهن ته برآمدي شعبي کي ضروري سهولتون نه ملڻ سبب معاشي چئلينجن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، شيخ تحسين جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ صنعتي انقلاب جي کوٽ واضح نظر اچي ٿي ۽ حڪومت صنعتي تنظيمن طرفان ڏنل تجويزن تي عمل نه ڪيو آهي، ننڍين ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي نظرانداز ڪري برآمدي شعبي کي وڌيڪ ڏکيائين ۾ وڌو ويو آهي، پراپرٽي ۽ ٽريول سيڪٽر لاءِ اعلان ڪيل رعايتون معيشت لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته بجيٽ کانپوءِ نئين صنعتي پاليسي ۾ برآمدي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.