ڪراچي ۾ رولو ڪتن جو آزار، ريبيز سبب هڪ ٻيو شهري فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ريبيز جي موتمار بيماري سبب هڪ وڌيڪ شهري فوت ٿي ويو، جنهن بعد هلندڙ سال شهر ۾ ڪتن جي چڪ سبب فوتين جو مجموعي انگ 14 ٿي ويو، جناح اسپتال انتظاميا موجب 45 ورهين جي هڪ شخص کي لڳ ڀڳ ٻه مهينا اڳ هڪ رولو ڪُتي چڪ هنيو  هو پر هن حفاظتي ويڪسين نه لڳرائي هئي، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته مريض کي اسپتال آندو ويو، جتي سندس اندر ريبيز جون سموريون واضح علامتون موجود هيون، اسپتال ذريعن موجب هلندڙ سال هن وقت تائين انڊس اسپتال ۾ 9 ۽ جناح اسپتال ۾ 5 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن، سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ رولو ڪتن جو مسئلو ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، شهرين حڪومت ۽ بلدياتي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪتن ڪتن جي خاتمي يا ڪنٽرول لاءِ فوري مهم هلائي وڃي ته جيئن وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.