بلوچستان جو عوام ڪنهن به قسم جي خيرات نه ٿو گهري:جمال رئيساڻي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر جمال رئيِساڻي بجيٽ 2026-27 تي تفصيلي ۽ جذباتي تقرير ڪندي حڪومت جي معاشي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي.هن چيو ته بجيٽ صرف انگن اکرن جو مجموعو نه هوندي آهي، پر اهو عوام جي اميدن، خوابن ۽ بنيادي ضرورتن جو عڪس هوندي آهي. هن افسوس ظاهر ڪيو ته  بلوچستان سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عوام اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي.هن  چيو ته بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران موجود آهي، زيرِ زمين پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي چڪي آهي ۽ ماڻهو مهانگن ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته پاڻي زندگي جي بنيادي ضرورت آهي، پر ان مسئلي کي بجيٽ ۾ مناسب اهميت نه ڏني وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بيروزگاري تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ بلوچستان جو نوجوان، جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، مايوسي جو شڪار آهي. ڊگريون هجڻ باوجود نوڪريون نه ملڻ سبب نوجوان پنهنجي مستقبل بابت پريشان آهن. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن معيشت بهتر ٿي رهي آهي ته پوءِ روزگار ڇو پيدا نه ٿي رهيو آهي؟هن  چيو ته بلوچستان ۾ اڄ به ڪيترائي ٻار وڻن هيٺ ۽ غير معياري حالتن ۾ پڙهڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته اسڪولن جي عمارتن ۽ بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي. هن زور ڏنو ته جديد تعليم، تربيت يافته استاد ۽ ڊجيٽل ڪلاس رومز فراهم ڪيا وڃن.هن اعليٰ تعليم جي حالت تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ چيو ته يونيورسٽين کي ملندڙ محدود بجيٽ صرف پگهارن ۽ خرچن تائين محدود آهي، جنهن سبب تحقيق، جدت ۽ پاليسي سازي لاءِ ڪا گنجائش نه بچي ٿي. نتيجي طور نوجوان ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ تي مجبور آهن، جنهن کي “برين ڊرين” چيو وڃي ٿو.ٽيڪنالاجي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ به صحيح ڪم نٿو ڪري، جڏهن ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان ۽ پنجين نسل جي انٽرنيٽ جون ڳالهيون ڪري ٿي. هن مطالبو ڪيو ته ملڪ جي هر علائقي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو وڃي.هن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان کي هڪ جامع قومي پاليسي ٺاهڻي پوندي، يونيورسٽين ۾ تحقيقاتي مرڪز قائم ڪرڻا پوندا ۽ نوجوانن کي جديد مهارتون سيکارڻيون پونديون.آخر ۾ هن چيو ته بلوچستان جو عوام ڪنهن به قسم جي خيرات نه ٿو گهري، پر پنهنجا بنيادي حق چاهي ٿو، جن ۾ تعليم، صحت، روزگار ۽ برابري شامل آهن. هن زور ڏنو ته جيستائين عام ماڻهو خوشحال نه ٿيندو، تيستائين ڪا به بجيٽ ڪامياب نٿي چئي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.