اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته کين اڄ ئي باني پي ٽي آءِ تائين رسائي ڏني وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو ته معاشي استحڪام به ممڪن ٿيندو. هي ملڪ اسان جو آهي ۽ اسين هن ملڪ جا آهيون. اسان جا چونڊيل ميمبر نااهل ڪيا ويا، هاڻي اسين پنهنجي شڪايت ڪنهن وٽ کڻي وڃون؟” هن سوال ڪيو.بئريسٽر گوهر چيو ته آڪٽوبر کانپوءِ ملڪ جي سڀ کان مقبول اڳواڻ سان ملاقات نه ٿي رهي آهي. هن حڪومت کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڇو نه ڪرائي پئي وڃي؟ مون اڳ به وزيراعظم سان ان معاملي تي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن تي هن چيو هو ته پڇي توهان کي ٻڌائيندس، جيڪڏهن هاڻي ڪو جواب ملي ويو آهي ته اسان کي به آگاهه ڪيو وڃي،پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن بجيٽ ۾ غريب عوام لاءِ ڪجهه به ناهي. نه لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي، نه بجلي سستي ٿيندي ۽ نه ئي روزمره استعمال جون ٻيون شيون سستيون ٿينديون.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي فضول خرچين کي گهٽائڻ لاءِ مڪمل ۽ مؤثر انتظام جي ضرورت آهي.