ڪراچي جي حڪومت لاءِ هر حربو استعمال ڪندڙ طعنا نٿا ڏئي سگهن:سعد رفيق

لاهور (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق پاڪستان پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي مقامي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪندڙ ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪيل واعدن تان ڦرندڙ ماڻهو مسلم ليگ (ن) کي  حڪومت سازي بابت طعنا نٿا ڏئي سگهن، ايڪس تي جاري بيان ۾ سعد رفيق چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لڳ ڀڳ 28 سيڪڙو ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن 22 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي 10 ۽ مسلم ليگ (ن) 6 سيٽون کٽيون، جڏهن ته 2 آزاد اميدوار مسلم ليگ (ن) جي حمايت يافته هئا، پيپلز پارٽي جو چيئرمين چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت چونڊن کان 72 ڪلاڪن اندر رابطو ڪري آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي کي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي پارٽي تسليم ڪندي حڪومت سازي لاءِ سهڪار جو اشارو ڏنو هو، مسلم ليگ (ن) جو مقصد گلگت بلتستان کي هارس ٽريڊنگ ۽ سياسي سوديبازي کان بچائڻ هو، تنهن هوندي به پيپلز پارٽي قيادت طرفان الزام تراشي يا توهين آميز رويو اختيار ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.