حڪومت آئيني مدو پورو ڪندي: محسن نقوي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي  اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 500 رپيا في ليٽر کان به مٿي وڃڻ واري هئي، پر حڪومت انتهائي ڏکين حالتن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته تيل جي وڌندڙ قيمتن جا اثر سڄي دنيا محسوس ڪيا آهن ۽ پاڪستان به ان صورتحال کان متاثر ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ کان بچڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن کي وڏي ڏکيائين سان ڪنٽرول ۾ رکيو، سياسي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون ۽ اتحادي جماعتن وچ ۾ رابطا برقرار آهن، وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪنهن کي به پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، محسن نقوي زرعي شعبي ۾ مسلسل گهٽتائي کي ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو ته زرعي پيداوار ۾ لاٿ ملڪ جي معيشت لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، جنهن تي حڪومت خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.