اسلام آباد (بيورو) ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڪيترين ئي عام واهپي جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، فنانس بل موجب مختلف شين کي ٿرڊ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ سان قومي خزاني کي 70 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، جي ايس ٽي لاڳو ٿيڻ سبب کير، ڊيري شين، مٺايون،جيلي، ڪيچپ، مصالحن، خوراڪي تيل، گيهه، ڪراڪري، وارن جو تيل، شيمپو، پرفيوم، باڊي اسپري، بيڪري شيون، پلاسٽڪ جي گهريلو شين ۽ سينيٽري شين جا اگهه وڌي سگهن ٿا، ان کان سواءِ سوٽ ڪيس، ڪئمرائون، ڪچن ويئر، سفري بيگ، اي سگريٽ، زرعي دوائون ۽ جراثيمن جي خاتمي جي شين جي قيمتن ۾ به واڌ جو امڪان آهي، بجيٽ دستاويزن موجب لگزري اليڪٽرڪ گاڏين تي ٽيڪس جي شرح وڌائڻ سان 25 ارب رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، ساڳئي ريت صنعتي ۽ واپاري درآمد ڪندڙن جي منافعي ۾ موجود فرق ختم ڪرڻ سان قومي خزاني ۾ 30 ارب رپين جا وڌيڪ ٽيڪس جمع ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو .